ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي نئين صوبي ۽ بلدياتي ادارن کي مضبوط ڪرڻ واري ترميم لاءِ عوام ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ دوران خالد مقبول صديقي چيو ته 17 سالن جو قبضو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، ڪراچي جي مستقبل سان راند ڪئي پئي وڃي، ماسٽر پلان کي ڪرپشن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، ترقياتي منصوبن جي نگراني ايم ڪيو ايم جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ جاگيردارانه جمهوريت آهي، آئيني آرٽيڪل 239 موجب نئين ضلعن ۽ صوبن جوڙڻ جا حق موجود آهن، آئين چوي ٿو ته بلدياتي حڪومتون قائم ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته مقامي شهري پنهنجين گهٽين، رستن ۽ ٻين سهولتن جي تعمير ۾ حق رکن ٿا، جيڪڏهن ايوانن ۽ عدالتن مان انصاف نه مليو ته اسان رستن تي نڪرنداسين، هن شهر مان 17 سالن واري جعلي حڪومت جو هاڻي خاتمو ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ڪراچي ماسٽر پلان 2047 خلاف هلندڙ مهم جو اڄ آخري ڏينهن هو، پر هاڻي ان مهم کي وڌيڪ 10 ڏينهن لاءِ وڌايو پيو وڃي، هن حڪومت ۾ رهندي به اسان ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ پيڪيج حاصل ڪيا آهن، 77 سالن کان پوءِ حيدرآباد ۾ هڪ يونيورسٽي قائم ٿي آهي ۽ ڪراچي جي ڪيترن ئي ڪاليجن کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو پيو وڃي، ڪراچي ڦرلٽ جو مال ناهي، هي شهر سنڌ جي 97 سيڪڙو بجيٽ ۾ حصو ڏئي ٿو، جڏهن ته ٽيڪس نه ڏيڻ وارا هڪ سيڪڙو ماڻهو سو سيڪڙو اختيار استعمال ڪري رهيا آهن ۽ سئو سيڪڙو ڏيندڙن کي صرف هڪ سيڪڙو اختيار ڏنا وڃن ٿا، هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ته گهر به ناهن هلندا ۽ خاندان به ورهائجي وڃن ٿا، پريس ڪانفرنس دوران گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته صوبي جو گورنر بعد ۾، ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن پهريان آهيان، خالد مقبول صديقي جيڪي ڳالهيون ڪيون ان تي جيئن جو تيئن عمل ڪرائينداسين، عوام اپيلون ڪري ٿو ته رستا تباهه آهن، ڪير به سار لهڻ وارو ناهي، صحيح معنيٰ پيڪيج تڏهن ايندو جڏهن ايم ڪيو ايم پاڪستان صوبي جي حڪمراني ڪندي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ مڪاني نظام کي مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏين:سعديه جاويد
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي، سعديه جاويد چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ بلدياتي نظام کي نشانو بڻائڻ بدران ان کي مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏين، سنڌ جو بلدياتي نظام پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ بااختيار ۽ آئيني طور مضبوط آهي، ترجمان چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پنجاب جي ماڊل کي ترجيح ڏين ٿا ته پوءِ انهيءَ ماڊل کي لاڳو ڪرڻ جو به مطالبو ڪري سگهن ٿا، سعديه جاويد چيو ته نواز ليگ کي پنهنجي ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ ٿيل گورنرشپ معاهدي تي عمل ڪرڻ گهرجي، سنڌ سرڪار جي ترجمان چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي جي اصل سياسي جماعت آهي ۽ شهر لاءِ وڌيڪ وڏا ترقياتي منصوبه آڻيندي، شهرين جي مسئلن جو حل صرف تنقيد سان نه، پر عملي اقدامات سان ممڪن آهي.
ايم ڪيو ايم واڳونءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي: مرتضيٰ وهاب
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم عوام کي لالي پاپ ڏئي رهي آهي ۽ واڳونءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي اهڙو شهر جيڪا جهڙو ميڊيا پيش ڪندي آهي، اسان شهر جي حالتن کي بهتر ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي سڀني ثقافتن جو مرڪز آهي، اسان سڀني ثقافتن جو احترام ڪيون ٿا، ايندڙ نسلن لاءِ هڪ بهتر ڪراچي ڇڏڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته گورنر کي اهو اختيار ناهي ته هو سياسي ڳالهيون ڪري، آئيني سربراهه کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، هو آئين جو مطالعو ڪري. مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي، سکر ۽ اسلام آباد ۾ الڳ الڳ ڳالهيون ڪندي آهي، پ پ متوازن نظام پيدا ڪيو آهي.