پارليامينٽ پاران ڪيل ترميمن کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پارليامينٽ پاران ڪيل آئيني ترميمن کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. هن واضح ڪيو ته ترميمن جو طريقو آئين ۾ لکيل آهي ۽ پارليامينٽ سپريم آهي. وزير چيو ته آئيني عدالت جو قيام ڪا نئين  ڳالهه ناهي، ۽ موجوده ترميم چئني يونٽن کي برابر نمائندگي فراهم ڪندي. هن اهو به چيو ته ملڪ چونڊيل نمائندن پاران هلايو ويندو ۽ 17 اڻ چونڊيل جج پارليامينٽ کان وڌيڪ طاقتور نه ٿا سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.