پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين اسان ٻڌندا ۽ پڙهندا پيا اچون ته ملڪ هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، پر اهو نه ٿو ٻڌايو وڃي ته پياري پاڪستان کي هن نازڪ صورتحال ۾ ڪنھن ۽ ڪيئن آندوآھي۽ ان صورتحال مان ان کي ڪيئن ڪڍي سگهجي ٿو. بدقسمتي سان 1947 کان وٺي ھيل تائين، حڪومتون، چهرا، پارٽيون ۽ جهنڊا ته بدلجندا رهيا آهن، پر ملڪ ۽ قوم جي صورتحال بھتر ٿيڻ بدران ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي.
چيو پيو وڃي ته جڏهن پاڪستان ٺهيو هو، هڪ ڊالر هڪ رپئي جو هو، پر هاڻي ھن ٽن سوَن کي وڃي ڌڪ ھنيو آهي. مثالي امن هو، پر هاڻي ماڻهو ڏينهن رات غير محفوظ آهن. ڪراچي سميت سموري سنڌ وڏن شهرن جا رستا پاڻي سان ڌوتا ويندا هئا، رستا ۽ شهر صاف ۽ رستا ويڪرا هئا، پر هاڻي روڊن تي کڏا آهن ۽ شهر گندگي جي ڍير ۽ موهن جو دڙو جو منظر پيش ڪري رهيا آهن. سنڌ جي اداڪار مصطفى قريشي جي ڪراچي ۾ نماز فجر کان پوءِ واڪ ڪندي روڊ جي کڏن سبب ڪري پوڻ ۽ گوڏن ۾ فريڪچر اچڻ مثال آھي.سنڌ صوبي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اذيت ناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. پر ان جي باوجود پيپلز پارٽي جي چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اسان جو مقابلو ڪنهن به ٻئي صوبي سان نه پر ترقي يافته ملڪن سان آهي!
هن صورتحال کي نظر ۾ رکندي جتي هر هنڌ مايوسي ۽ نااميدي آهي، بدامني ،ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري عوام ماني جي ٻن ويلن لاءِ پريشان ، عدم تحفظ جو احساس خاص طور نوجوان پنهنجو مستقبل اونداهو ڏسي مايوس جو شڪار آھن. ان صورتحال ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان اميد جو ڪرڻو بڻجي اڄ 21 کان 23 نومبر تائين ملڪ جي تاريخي ھنڌ مينار پاڪستان جي پاڇي هيٺ بدلايو نظام جي نعري هيٺ ملڪ گير اجتماع عام ڪوٺايو آهي. ان لاءِ مرڪزي نائب امير محترم لياقت بلوچ کي اجتماع جو ناظم مقرر ڪيو ويو، جنهن ڏينهن رات هڪ ڪري اجتماع عام ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ بهترين انتظامات مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. 1941 ۾ ٺھندڙ جماعت اسلامي جا اجتماع ڪجھه وٿي کان پوءِ ٿيندا رهيا آهن.21 کان 23 نومبر تائين لاهور ۾ ٿيندڙ هيءَ 16 هون عوامي اجتماع هوندو. اجتماع جي ناظم لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته ”هي عوامي اجتماع صرف هڪ اجتماع، هڪ عوامي ميڙاڪو ۽ هڪ پاور شو ناهي، پر هن عوامي اجتماع جو مکيه مقصد جماعت اسلامي جي دعوت جي تبليغ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوبه ديني ميڙاڪو قرآن ۽ سنت جي پيغام ۽ جذبات کي امت مسلمه تائين پهچائڻ جو ذريعو بڻجي ٿو.“ هن اجتماع جي انتظامي مامرن لاءِ 50 مختلف ڪميٽيون ۽ 14 نائب ناظم مقرر ڪيا ويا هئا. جن پنهنجي ڀرپور ڪوششن ذريعي اجتماع ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ هر ضروري سهولت مُهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪيو آهي.
ڇا اها ھڪ حقيقت ناهي ته گذريل 78 سالن کان، ملڪ تي مسلط ڪيل ڪرپٽ حڪمرانن، اشرافيه، جنرلن ۽ بيوروڪريسي عام پاڪستاني کي ظلم، ناانصافي، جعلي چونڊن ۽ طبقاتي نظام جي بار هيٺان دٻائي رکيو آهي. تازو 26 ۽ 27هين ترميم ذريعي نام نهاد جعلي حڪمرانن آئين ۽ قانون جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هن مُدي خارج طبقاتي نظام کي تبديل ڪيو وڃي. جماعت اسلامي پاڪستان نه رڳو ملڪ گير سطح تي ايماندار قيادت سان واحد سچي جمهوري پارٽي جي حيثيت رکي ٿي، پر صاف ۽ شفاف سياست جي علامت پڻ آهي جيڪا فرقي ۽ شخصيت جي سياست جي بدران هڪ منصفاڻي نظام لاءِ پاڪستان ۾ حقيقي جدوجهد ڪري رهي آهي.
هيءُ اجتماع به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي. جماعت اسلامي مينار پاڪستان لاهور تي "بدلايو نظام” جي سري ھيٺ ملڪ گير ميڙاڪو منعقد ڪري هڪ وڏي عوامي تحريڪ شروع ڪري رهي آهي. تنهن ڪري، اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان جو هر شهري ناانصافي، ظلم ۽ طبقاتي نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ جماعت اسلامي پاڪستان جي هن تحريڪ جو حصو بڻجي ٻانھن ٻيلي ٿئي ته جئين عوام جي دردن جو درمان ٿي سگھي.
امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جو اهو چوڻ آھي ته "جماعت اسلامي عوام کي ساڻ کڻي ڪري ملڪ ۾ حقيقي تبديلي ۽ انقلاب لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. هي اجتماع نه رڳو پاڪستان لاءِ پر سڄي دنيا لاءِ هڪ پيغام هوندو ته اسلام جي جامع سوچ اڃا تائين انسانيت جي مسئلن جو مڪمل حل رکي ٿي. جماعت اسلامي هن سوچ جي نمائندگي ڪندڙ تحريڪ آهي جيڪا ظلم، استحصال ۽ خانداني سياست جي مقابلي ۾ هڪ منصفاڻو سماج قائم ڪرڻ چاهي ٿي. مکيه ڳالهه اها آهي ته پاڪستان کي هن وقت جنهن رستي جي ضرورت آهي اها صرف چهرن جي تبديلي نه پر نظام ۽ سوچ جي تبديلي آهي. هي تبديلي تڏهن ايندي آهي جڏهن ڪا تحريڪ عوام جي سامهون هڪ اهڙو عمل جو منصوبو پيش ڪري ٿي جيڪو انصاف، شفافيت، خودمختياري ۽ بااختيار جمهوريت تي ٻڌل هجي. مينار پاڪستان تي هي اجتماع هن طرف هڪ فيصلو ڪندڙ شروعات ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ماڻهو هن عملي ۽ نظرياتي جدوجهد جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڪن. پاڪستان جي تقدير بدلائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي چوڌاري سياسي روايتن ۽ خانداني اجارداري جي ڀتين کي ٽوڙي ڇڏيون ۽ هڪ اهڙي تحريڪ جي حمايت ڪريون جنهن جي پويان ڪردار، اصول، ذهني بنياد ۽ واضح هدايت هجي. جماعت اسلامي جو تبديلي جو اعلان هن جدوجهد جو حصو آهي؛ باقي قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها مايوسي جي اونداهي ۾ رهڻ چاهي ٿي يا مڪمل پاڪستان ۽ نئين نسل جي مستقبل لاءِ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌڻ چاهي ٿي.
نيٺ ته ٿيندو سوجھرو رھڻي ناھي رات.
ظلم جي ھر عمل کي بدلايو، چھرا نه ، پر نظام بدلايو.