عدالتن اندر ججن جي نئين سيٽ ۾ بي اعتمادي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ٻن سينئر ججن جون استعيفيٰ، عدليه اندر اختلافي خط، ۽ نئين ترميمن تي اعتراض ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هي ڪا معمولي انتظامي تبديلي نه آهي پر طاقت جي حقيقي ترتيب ۾ تبديلي آهي. بهرحال، اصل مسئلو اهو آهي جيڪو ڄاڻي واڻي وساريو وڃي ٿو۔ عام ماڻهوء کي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه ناهي ته آئيني ڪيس ڪير ٻڌندو ۽ انتظامي اختيار ڪنهن وٽ هوندو. سندس مسئلو رڳو اهو آهي ته هو سالن کان پنهنجي زمين، پنهنجي ٻارن، پنهنجي نوڪري، پنهنجي ورهاست جي حقن ۽ پنهنجي ايف آءِ آر تي فيصلو چاهيندو رهيو آهي. جيڪڏهن هن شخص کي انصاف نه ملندو ته پوءِ 27 ترميمون آنديون وڃن يا 47 اچن، سڀ ساڳيا بيڪار تجربا ثابت ٿيندا رهندا.
اسان جي سياست، عدليه کي پنهنجي راند جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هر پارٽي پنهنجي پسند جي عدالت لاءِ ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿي. پر ماڻهن کي انصاف تڏهن ئي ملندو جڏهن عدالتي ڍانچي کي سنجيدگي سان سڌارو ڪيو ويندو ۽ صرف آئيني عدالت جي بورڊ کي تبديل ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.حقيقت اها به آهي ته عوام آئيني ڌانڌلين کان تنگ اچي چڪو آهي.ماڻهو انصاف چاهين ٿا ۽ نئين عدالتن جي نالي تي وڌيڪ تجربا نه ٿا چاهين۔سچ اهو آهي ته هن سڄي منظرنامي ۾ اصل ڌر عام شهري آهي – اهو شهري جنهن جو ڪيس سالن کان عدالتن ۾ گهليو پيو آهي. هن لاءِ، آئيني ڪيسن جي ٻڌڻي ڪير ڪندو ۽ ڪنهن وٽ انتظامي اختيار هوندا، ان بابت بحث ايترا اهم نه آهن. هن لاءِ، اصل سوال صرف هڪ آهي ته ڇا کيس تڪڙو ۽ سستو انصاف ملندو يا نه؟ جيڪڏهن حڪومت واقعي نئين عدالتي سيٽون قائم ڪري سڌارن جي جذبي سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، ته ان کي ماتحت عدليه کي بهتر بڻائڻ، جديد ڪيس مينيجمينٽ، عدالتي عملي کي تربيت ڏيڻ ۽ دير ڪرڻ جي طريقن کي ختم ڪرڻ تي فوري ڌيان ڏيڻ گهرجي.انصاف جي نظام جو اصل امتحان اتي آهي، نه ته آئيني عدالت جي ڪمري ۾ يا سپريم ڪورٽ جي بينچن جي ورڇ ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿيندو.
بهرحال وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ رولز 2025 کي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي صدارت ۾ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آئيني عدالت جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر لاءِ سپريم ڪورٽ رولز 2025 کي اختيار ڪيو ويندو. فل ڪورٽ فيصلو ڪيو ته وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي گهٽ کان گهٽ ٻه رڪني بينچ ڪندي، ٻه رڪني بينچ جي فيصلي خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي گهٽ ۾ گهٽ ٽي رڪني بينچ ڪندي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جا وڪيل آئيني عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا اهل هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 3/184 جي ڪيسز ۽ نظر ثاني درخواستون آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪيون. ويون آهن انهي کان علاوه آرٽيڪل 199 جي تحت هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيلون به منتقل ڪيون ويون ذريعن موجب آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿيل ڪيسز جو انگ 25 هزار کان وڌي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 56 هزار کان وڌيڪ ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن.هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهي آئيني عدالتون عوام لاءِ ڪيتري قدر پائدار ٿي سگهن ٿيون۔ جيڪڏهن اهي آئيني عدالتون به موجوده عدالتن وانگر ڪم ڪنديون رهيون ته پوء اها آئيني بحراني ڪيفيت برقرار رهندي۔