ايم ڪيو ايم جو مطالبو سنڌ جي اتحاد تي حملو آهي:اسماعيل راهو

ڪراچي(رپورٽر)يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊ سنڌ جي وزير محمد اسماعيل راهو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته صوبن کي رڪاوٽ قرار ڏيڻ حقيقتن جي خلاف آهي ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن واضح ڪيو ته ايم ڪيو ايم جو نون صوبن جو مطالبو سنڌ جي اتحاد تي حملو آهي، جيڪو ڪنهن به حالت ۾ قبول نه ڪيو ويندو،هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جا بيان غير سنجيده، اشتعال انگيز ۽ صوبي جي عوام جي خواهشن جي خلاف آهن. محمد اسماعيل راهو چيو ته 18هين ترميم وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ صوبن کي بااختيار بڻائڻ جو هڪ تاريخي فيصلو آهي، جڏهن ته 18هين ترميم عوام جي بنيادي حقن کي آئيني تحفظ فراهم ڪري ٿي ۽ ان کي واپس رول ڪرڻ جون ڳالهيون عوام دشمني کان سواءِ ڪجهه به نه آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.