حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي نوراني بستي ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ذاتي دشمني لڳي پيو، پنڃاري ٿاڻي جي حد نوراني بستي واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ زبير عرف زوبي قريشي ۽ آصف غوري عرف چينا طور تي ٿي، واقعي جي اطلاع تي پڃاري پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا ۽ واقعي واري هنڌ تان شاهديون پڻ گڏ ڪيون، ھوڏانھن مقتولن جا لاش رات دير سان پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ذاتي دشمني لڳي پيو جنھن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻنھي ڄڻن کي 10/10 گوليون لڳل آهن، ٻئي طرف ٻڌايو پئي ويو ته مارجي ويل ٻئي ڄڻا ايم ڪيو ايم جا اڳوڻا ڪارڪن هئا، زبير عرف زوبي بابت ٻڌايو پئي ويو ته هو 14 سال جيل ڪاٽي ڪجھه ڏينهن اڳ ئي جيل مان آزاد ٿي آيو هوممقتول زبير جي وارثن الزام لڳايو ته ڪائونسلر رفيق واقعي ۾ ملوث آهي ۽ جنهن کي پوليس کڻي ويئي آهي اهو مک جوابدار رفيق ڪائونسلر جو ڀائيٽو آهي.