پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي) پير جوڳوٺ واري علائقي ۾ نافرمان ڀائٽي وياج جا پئسا نه ڏيڻ تان پنھنجي سڳي چاچي جو مٿو ڪوڙي کيس تذليل جو نشانو بڻائي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته وياجي ڀائٽي سرفراز عباسي ٻين وياجين سان گڏجي پنھنجي چاچي جي تذليل وقت پاڻ وڊيو رڪارڊنگ ڪرائي ته جيئن اھا وڊيو وارثن کي موڪلي پئسا گھريا وڃن، تذليل جو نشانو بڻيل رستم عباسي ٻڌايو ته مون کي وياجي تنگ ڪري موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن منھنجي ڀائٽي بااثر وياجين سان ملي ڪري مونکي ڌمڪيون ڏئي گھرائي منھنجو مٿو ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو، وڊيو منھنجي گھر ڀاتين ۽ اولاد ڏانھن موڪلي آھي مان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪو آھيان مون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف تذليل جو نشانو بڻجندڙ جي فرياد تي پير جو ڳوٺ پوليس جوابدار فراز عباسي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.