ڪي اين شاهه ڀرسان انڊس هاءِ وي تي حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪي اين شاهه (ن ع آ) خيرپور ناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ لڌاڻ سامهون انڊس هاءِ وي تي ڪوسٽر ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ من مڱڻهار ۽ برڪت مڱڻهار موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 کان مٿي زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مظهر, نذير, مريم, امام زادي, ۽ ٻيا شامل آهن تعلقه اسپتال پهچايو ويو ڪيترن ۽ مريضن جي حالت انتهائي نازڪ هجڻ ڪري کين لاڙڪاڻي نيو ويو اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ٻئي طرف ڳوٺ ريجهپور سامهون انڊس هاءِ وي تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڊمپر ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ پورهيت صداقت ڀنگر فوت ٿي ويو جڏهن ته شڪيل ۽ لال بخش ٻٻر سخت زخمي ٿي پيا آھن جن کي تعلقه اسپتال ڪي اين شاهه پهچايو ويو، جڏهن ته زخمين کي وڌيڪ اعلاج لاءِ سيوھڻ ريفر ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن ڪي اين شاهه پوليس گاڏين کي ٿاڻي تي بيھاري ڇڏيو آهي ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.