ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گورنر جي آرڊننيس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت فوري طور تي آرڊننيس خلاف اسٽي آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت ڌرين کي 27 نومبر جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته آرڊيننس جي سيڪشن 6 ۾ آئيني بئنچز ۾ مقرري کي انڪار ڪرڻ تي مس ڪنڊيڪٽ ٺاهيو ويو آهي، مقرري تسليم نه ڪرڻ تي معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل موڪليو ويندو، وڪيل جو چوڻ آهي ته آئيني بئنچ ۾ انڪار ڪرڻ تي ڪابه سزا نه آهي .جڏهن آئين ۾ سزانه آهي ته وقتي گورنرڪهڙي طرح سزا ڏئي سگهي ٿو ،
-
ملڪ ۾ في تولو سونو 7 هزار 900 رپيا مهانگو
ڪراچي (رپورٽر) سون جي قيمت ۾ اڄ به وڏو اضافو، عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ ڪالهه به تيزي رڪارڊ ڪئي وئي، جتي في اونس سون 79 ڊالر وڌي 4 هزار 092 ڊالر تائين پهچي ويو، عالمي مارڪيٽ ۾ واڌ جي اثر هيٺ پاڪستان ۾ به سون جون قيمتون وڌي ويون، ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت 7 هزار 900 رپيا اضافي سان 4 لک 31 هزار 562 رپيا ٿي وئي، ان سان گڏ في ڏهه گرام سون جي قيمت 6 هزار 773 رپيا وڌي 3 لک 69 هزار 994 رپيا ٿي وئي، ساڳي ريت في تولو چاندي جي قيمت 177 رپيا اضافي سان 5 هزار 422 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته في ڏهه گرام چاندي جي قيمت 152 رپيا وڌي 4 هزار 648 رپيا ٿي وئي.
-
عدالت ڪي ايم سي کي ڪنٽونمينٽ علائقن مان ايم يو سي ٽيڪس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ڪينٽونمينٽ بورڊ ملير جي رهواسين جو ڪي ايم سي پاران بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس وصول ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪي ايم سي کي ڪنٽونمينٽ علائقن مان ايم يو سي ٽيڪس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت ڪي-اليڪٽرڪ کي حڪم ڏنو ته بجلي جي بلن ذريعي ڪنٽونمينٽ علائقن مان ايم يو سي ٽيڪس وصول ڪرڻ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته ملير ڪنٽونمينٽ بورڊ اڳ ۾ ئي ڪنزروينسي ٽيڪس وصول ڪري رهيو آهي.ڪي ايم سي بجلي جي بلن ۾ ميونسپل چارجز به شامل ڪيا آهن.