28 سال اڳ چوري ٿيل گاڏي جو چالان ڪراچي هوٽل مالڪ کي موڪليو ويو

ڪراچي (رپورٽر) 28 سال اڳ چوري ٿيل گاڏي جو چالان ڪراچي جي هوٽل مالڪ کي موڪليو ويو، ٻين صوبن جي گاڏين جا اي چالان جا ڳرا ڏنڊ به هاڻ ڪراچي وارن کي وصول ٿيڻ لڳا آهن، جنهن سبب شهرين جون پريشانيون وڌي ويون، ڪراچي ۾ اي چالان جو سلسلو شروع ٿيڻ کان پوءِ جتي مختلف مسئلا سامهون اچي رهيا آهن، اتي اهڙا واقعا پڻ ظاهر ٿيا آهن جن ۾ ٻين صوبن ۾ هلندڙ  ساڳي سنڌ نمبر پليٽ واري گاڏي جو ڏنڊ ڪراچي جي ماڻهن کي وصول ٿي رهيو آهي، اهڙو انڪشاف تڏهن سامهون آيو، جڏهن هڪ ڪار نمبر (AAR 540) جي مالڪ کي 10 هزار رپين جو چالان مليو، رپورٽن موجب اها ڪار ڪراچي رجسٽريشن واري هئي، جيڪا 22 مئي 1997 تي شاهراهه فيصل تي فياض سينٽر ويجهو ڪار پارڪنگ مان چوري ٿي وئي هئي، جنهن جو ڪيس صدر ٿاڻي ۾ 122/97 تحت درج ڪيو ويو هو،28 سال گذرڻ باوجود اها چوري ٿيل ڪار ملي نه سگهي آهي، پر گذريل هفتي ان جي مالڪ کي سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 10 هزار رپين جو اي چالان مليو، جاچ ۾ خبر پئي ته چوري ٿيل ڪار ته مهراڻ هئي، پر جنهن گاڏي جو چالان ٿيو، اها سوزوڪي آلٽو هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.