آئين ۾ وڌيڪ ترميمون ان جو تقدس مجروح ڪنديون: رضا رباني

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته آئين ۾ وڌيڪ  ترمي،م جي ڪوشش ان جي تقدس کي مجروح ڪنديون، پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته وفاقي حڪومت جا نمائندا ۽ ڪجهه سياسي پارٽيون آئيني ترميمن بابت اهڙي نموني ڳالهه ڪري رهيا آهن جيئن ڪو ڇنڇر يا آچر بازار ۾ خريداري ڪري رهيا هجن، سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم سميت 1973ع جو آئين هڪ متفقه دستاويز آهي، صوبن ۽ پارليامينٽ جون سڀئي پارٽيون ان ترميم ۽ بنيادي آئيني فريم ورڪ تي متفق هيون، رضا رباني چيو ته اهڙي متفقه دستاويز کي تڪراري ترميمن ذريعي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش وفاق لاءِ نقصانڪار هوندي ۽ 1973ع جي آئين ۾ وڌيڪ ڇيڙڇاڙ ان جي روح ۽ تقدس کي متاثر ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي صورتحال سان سياسي موقع پرستن کي نوان ايجنڊا کڻڻ جو موقعو ملندو ۽ اهي ملڪ کي آئيني ابتري ڏانهن ڌڪي ڇڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.