27 کان پوءِ 28، 29 هين ترميم به اچڻ واري آهي:مرتضيٰ جتوئي

نوشھرو فيروز (ڊ ر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ نيشنل پيلز پارٽي جي صوبائي صدر مسرور خان جتوئي جي مورو لنجار ھائوس سميت ستن ڪيسن جي ٻڌڻي اڄ دھشت گردي ڪورٽ ۾ رکيل ھئي جج موڪل تي ھئڻ ڪري سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جيڪا 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي ڪورٽ کان ٻاھر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته تارخ  مٿان تاريخ آهي، ھر ٻئي ٽئين ڏينھن ٻڌڻي آ، سمورا ڪيس ڪوڙا ھٿ ٺوڪيا آھن پر ڪا ڳالھ نه آھي اسان ڪورٽ سڳوري ۾ ايندا رھنداسين ملڪ جون حالتون تمام خراب آھن، ھٿ وٺي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪئي وڃي، پيپلا ھر حربو استعمال ڪري ماڻھن کي يرغمال پيا بڻائين توھان ڏٺو سکر ۾ پوليس چوڻ نه ڪين ته پوءِ پنھنجا غنڊا گھرائي وڪيلن تي حملو ڪرايو پوءِ جيڪا انھن سان ٿي اھا به دنيا ڏٺي حملي آورن کي وڪيلن ٻڌي پوليس حوالي ڪيو، سڀني کي پوليس با عزت بري ڪري ڇڏيو، پوليس مڪمل مڪمل ڪمداري ڪئي، ايم اين اي ذوالفقار بھڻ جي چوري واپس ٿيڻ جي سوال جي جواب ۾چيو ته سٺي ڳالھه آ ايڏو وڏو ڏوھ رڪور ٿيو ان مان اھو به ثابت ٿيوته پوليس سچائي تي چڙھي ته سڀ ڪجھ ڪري سگھي ٿي پر حڪمران نه ٿا چاھين ته غريبن کي به ڪو انصاف ملي، هن چيو ته 27 کان پوءِ 28، 29 هين ترميم به اچڻ واري آهي، اصل امتحان ته ھاڻي پيپلز پارٽي جو ٿيندو 27 ترميم ته ڪجھه ڏيو ڪجھ وٺو تحت وئي ھاڻي ڏسو ته پيپلز پارٽي ڪاڏي ٿي وڃي جي ڊي جو اجلاس جلد ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.