صوبن کي ورهائڻ جي سازش ٿئي پئي، جلد سرپرائز ڏينداسين: وڪيل اڳواڻ

خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن خيرپور پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اليڪشن ۾ صدارتي اميدوار محمد حسيب جمالي، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن عامر نواز وڙائچ ۽ ڪي بي لغاري جي مان ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، وڪيل اڳواڻ ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عامر نواز وڙائچ، ڪي بي لغاري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته عوام کي دوکي ۾ رکي حُڪمرانن 27هين آئيني ترميم پاس ڪرائي، هاڻي 28هين ترميم آڻي صوبن کي ورهائڻ جي سازش رٿي وئي آهي جنھن لاءِ سڀني کي سُجاڳ ٿيڻو پوندو، عامر نواز وڙائچ چيو ته جيڪي پهريان چون پيا ڪا به ترميم نه ٿي اچي اُهي غلط بياني ڪري عوام کي گُهمراهه ڪن پيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اليڪشن ۽ ڊسٽرڪٽ بارن جون چونڊون اهم آهن، حڪمران پنهنجا ماڻهو ڪامياب ڪرائڻ چاهين ٿا، وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ سينيٽر فيصل واووڊا ڪوڙ ڳالهائي عوام کي دوکي ۾ رکي پُٺيان ڇُرو هنيو ۽ ڪجھه مهينا اڳ ئي اسان چيو هُو ته حڪومت ترميمون آڻيندي ۽ ايئن ئي ٿيو، حڪومت ترميمون آنديون جڏهن پاڻي وارو معاملو هُو پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز بيان ڏنو هُيو تڏهن اُن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري مذمتي بيان جاري ڪيو وري ٻن ڪلاڪن بعد اُهو بيان واپس ڪيو اُن ۾ ڪهڙي غلط ڳالھه هُئي جو بيان واپس ورتو ويو پاڻي سنڌ جو آهي ۽ سنڌ جو ئي رهندو، عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان پنهنجو چٽو موقف سنڌ جي عوام آڏو رکي ڇڏيو آهي سڀئي شيون به سڀني جي سامهون آهن اُن باوجود به ڪو بيوقوف بڻجڻ چاهي ٿو ته ڀلي بڻجي ۽ زندگي موت الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي جيڪو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو اسان تحريڪ جاري رکنداسين. وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو سينيئر جسٽس منصور علي شاھ استعيفيٰ ڏيڻ بعد پھرين ڏينهن کان اسان سان رابطي ۾ آهي عوام پاڻي واري معاملي تي ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري جدوجهد ۽ 2007 واري تحريڪ کي وساري ڇڏيندو هاڻي اسان جلد اهڙو سرپرائيز ڏينداسين جڏهن سنڌ جا ست ڪروڙ ماڻهون روڊن تي اچي ويهي رهندا ته انهن کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي، اسان وٽ قلم آهي ڪارو ڪوٽ آهي اسان صرف آئين ۽ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا هن ملڪ کي ڊاهڻ جون سازشون نه ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.