اسلام آباد(بيورو)هيومن رائٽس ڪائونسل پاڪستان اڊياله جيل ٻاهران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀينرن سان ڪيل تشدد ۽ انهن جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي۔ سياسي وابستگي کان بالاتر ٿي بنيادي انساني حقن، شهري آزاديئن ۽ خاندان سان ملاقات جي حق جو احترام هر صورت ۾ لازمي آهي،بيان ۾ چيو ويو ته عمران خان ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملاقات نه رڳو قانوني حق آهي، پر اخلاقي ۽ انساني بنيادن تي به ان جي مڪمل ضمانت هجڻ گهرجي۔ عورتن سان پيش آيل تشدد جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي۔
-
اڊيالا ۾ نوازشريف سان 60 کان 70 ماڻهو اي سي واري ڪمري ۾ ملاقات ڪندا هئا
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)صحافي شهزاد اقبال چيو آهي ته نوازشريف جڏهن اڊيالا جيل ۾ قيد هو تڏهن خميس واري ڏينهن 60 کان 70 ماڻهو اي سي واري وڏي ڪمري ۾ آزاداڻي ماحول ۾ هن سان ملاقات ڪندا هئا،آرام سان ويٺل هوندا هئا،ڪا به روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي،هن چيو ته جيل ۾ مريم نواز سان منهنجي ملاقات ٿي مون وٽ ڪئميرا يا قلم نه هو،مون مريم نواز کي چيو ته توهان جون ڳالهيون ياد ڪري اخبار ۽ ٽي وي ۾ هلائي ڇڏيندس پوءِ اهو انٽرويو مون جيو نيوز تي به هلايو هو،صحافي مطيع الله جان چيو آهي ته پ پ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي منافق پارٽي آهي،جنهن قسم جو سلوڪ عمران خان جي ڀينرن سان ڪيو پيو وڃي،پ پ جيڪڏهن بينظير ڀٽو جو ورثو هجي ها ته اڄ اڊيالا جيل ٻاهران اهو سڀ نه ٿيندو هجي ها، هن چيو ته ان کان وڌيڪ شرم جي ڪهڙي ڳالهه آهي ته مريم نواز جيڪا عورت آهي ان جي اقتدار ۾ عورتن سان اهڙو سلوڪ ٿي رهيو آهي،ثاقب بشير لکيو ته پنجاب حڪومت ته چوي ٿي ته اسان ڪنهن کان به انتقام نه پيا وٺون ته پوءِ هي ڇا آهي؟