مظفرآباد(م ڊ) آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، نو منتخب وزيراعظم راجا فيصل راٺوڙ کان وزارت عظميٰ جو حلف ورتو. حلف برداري واري تقريب ۾ گورنر گلگت بلتستان مهدي شاهه، گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، اسيمبلي جي ميمبرن سميت اعليٰ سول قيادت ۽ عسڪري عملدار به شريڪ ٿيا. راجا فيصل چيو ته پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جيڪا جانين جي قرباني ڏئي ملڪ جو دفاع ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي عوام سان ٻيهر رشتو جوڙڻ جي ذميواري کڻي آهي.
-
شاگرد يونين جي چونڊن واري ڪيس ۾ ڪراچي يونيورسٽي کي نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي يونيورسٽي شاگرد يونين اليڪشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران يونيورسٽي اينڊ بورڊ موقف ڏنو ته چونڊون ڪرائڻ انهن جي دائري اختيار کان ٻاهر آهن. وڪيل عثمان فاروق ٻڌايو ته ڪراچي يونيورسٽي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، عدالت اليڪشن لاءِ هدايت جاري ڪري. عدالت ڪراچي يونيورسٽي کي نوٽيس جاري ڪري ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وڪيل ٻڌايو ته فيبروري 2022 ۾ قانون منظور ٿيڻ باوجود اڃا تائين چونڊون نه ٿيون.