ڪنڌڪوٽ ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،2 ڄڻا قتل،2 زخمي

ڪنڌڪوٽ/غوثپور (رپورٽ ممتازسنڌي+عبدالجبار اوڳاهي) ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ گاھي خان ڀيو ۾ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ مڇي مارڻ جي معاملي تي جھيڙو ٿي پيو ڌرين ھڪ ٻئي تي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا گوليون لڳڻ ڪري يار محمد ڀيو موقعي تي قتل ٿي پيو جڏھن ته شبير ڀيو، سونو ڀيو سميت ٽي ڄڻا زخمي پڻ ٿيا سکر جي اسپتال ۾ شبير احمد ڀيو زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو پوليس موجب قتل ٿيل ٻئي ڄڻا الڳ الڳ ڌر جا آهن واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ،هڪ ٻئي جي گھرن تي حملا ڪري فائرنگ ڪئي وئي ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو  مختلف ٿاڻن جي پوليس کي متاثر علائقي ۾ بڪتربند، اي پي سي چين سميت موڪلي فائرنگ بند ڪرائي، آخري اطلاعن تائين  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.