قمبر (ڊ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر قمبر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قلم 144 جي صورت ۾ بدترين آمريت مڙهيل آهي، قلم 144 آئين جي آرٽيڪل 16 ۽ 19 جي ڀڃڪڙي آهي، آئين چئي ٿو ته سمورن شهرين کي اظهار جي آزادي آهي، پرامن احتجاج جو حق آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي احتجاج تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته بورڊ آف انويسٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع ۽ 27هين ترميم جي صورت ۾ بدترين آمريت راڄ قائم آهي، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ آئين ۽ قانون معطل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هاڻي 28هين ترميم آڻي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، دهشتگردن هٿان نون صوبن جو رينگٽ ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي زرداري کي ڪرپشن ڪيسن مان ڇوٽ ڏيارڻ لاءِ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ به تيار آهي، پريس ڪانفرنس ۾ علي حسن وڪو، امداد علي پٺاڻ، محبوب رڪ راهوجو، اياز جمال چانڊيو، فاضل ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.