ڪلائوڊ فليئر سسٽم ۾ خرابي سبب عالمي اوطاق ويران، انٽرنيٽ سروس متاثر

ڪراچي( ع آ نيوز) دنيا جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي مسئلو پيش اچي رهيو آهي. ان جو سبب ڪلائوڊ  فليئر جي سسٽم ۾ پيدا ٿيل مسئلا آهن، جن جي ڪري ايڪس سميت ڪيترين ئي ويب سائيٽس تائين رسائي ممڪن نه ٿي رهي آهي. ڪلائوڊ  فليئر هڪ انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر ڪمپني آهي، جيڪا ڪنٽينٽ ڊيليوري نيٽورڪ طور ڪم ڪري ٿي، يعني ويب سائيٽس جو مواد تيزي سان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري ٿي۔ هاڻي ان جي سسٽم ۾ اڻڄاتل خرابي پيش آئي آهي.ڪمپني طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان مسئلي کان واقف آهيون ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ڊائون ڊيٽيڪٽر مطابق، ڪلائوڊ  فليئر جي سسٽم ۾ خرابي سبب ايڪس ٽريفڪ به متاثر ٿي آهي.گهڻيون ويب سائيٽون لوڊ نه پيون ٿين، ۽ جيڪي ٿي رهيون آهن تن ۾ به مواد ۽ تازي ڊيٽا نظر نه پئي اچي. اڃا تائين اهو واضح ناهي ته هي مسئلو ڪيتري دير تائين جاري رهندو، ڇاڪاڻ⁠ته ڪلائوڊ  فليئر طرفان ڪا حتمي ڄاڻ ناهي ڏني وئي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.