ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪڏهن پ پ مڪاني نظام سان لاڳاپيل قانون تي ڳالهيون نه ڪيون ته نه صرف ارڙهين ترميم ختم ٿي ويندي پر سنڌ ۾ نئون صوبو پڻ بڻجڻ جو امڪان آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ايندڙ مهينن ۾ مڪاني نظام سان لاڳاپيل ترميم آڻڻ جو عمل شروع ٿي ويندو ۽ پوءِ ان کي منظور به ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان مڪاني نظام لاءِ پ پ کي ڳالهين جي دعوت پڻ ڏني آهي جنهن جي جواب ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ناممڪن آهي. سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جو ان کي ڪٽي ورهايو وڃي. هن چيو ته صوبو ٽوڙڻ جو ڳالهيون ڪرڻ فضول آهن. جيستائين مڪاني نظام بابت ترميم جي ڳالهه آهي ته بلاول ڀٽو جي ٽوئيٽ ۾ ان جو ذڪر ناهي.
اسان جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي غير ذميوار سياست ۽ غير ذميوار بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جيئن ته سنڌ سان تعلق رکي ٿي ته ان جماعت جو ان ناتي اهو اخلاقي فرض آهي ته اها سنڌ واسين جي دل آزاري کان پاسو ڪري. سنڌ صوبي جي بقا جو معاملو سنڌي قوم جو بيحد حساس ۽ جذباتي معاملو آهي تنهن ڪري ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي سنڌين جي انتهائي حساس ۽ جذباتي معاملن تي خيال سان ۽ انتهائي احتياط وچان ڳالهائڻ گهرجي. اهو چوڻ غير ذميوراڻو رويو آهي ته جيڪڏهن پ پ 28 هين ترميم ۾ مڪاني نظام کي بااختيار بڻائڻ واري ترميم کي نه قبوليندي ته پوءِ اسان به ارڙهين ترميم جي حمايت واپس وٺنداسين ۽ ڪراچي کي ڌا رصوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪنداسين.
اسان سمجهيون ٿا ته اها نه رڳو سياسي بليڪ ملينگ آهي پر نفرتن کي وڌائڻ جو ٻارڻ پڻ آهي. جيتوڻيڪ سنڌي عوام کي ۽ ممڪن آهي ته پ پ کي به مڪاني نظام جي بااختياري اقتدار کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ تي اعتراض ناهي پر ايم ڪيو ايم غير ضروري طور تي وقت کان اڳ اهڙو جارحاڻو بيان ڏئي غير ذميوار سياست ڪئي آهي جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا. اهڙي غير ذميوارا ۽ تعصب تي ٻڌل سياست سبب ئي اڄ ايم ڪيو ايم تباهه ٿيل آهي ان قسم جي سياست سان نه رڳو ايم ڪيو ايم بحيثيت جماعت پاڻ کي تباهه ڪيو آهي پر ان سبب ڪراچي شهر کي به خاص ڪري سندن حڪومتي دور ۾ تباهي ملي آهي. اهو سندن ئي حڪمراني جو دور هو جڏهن ڪراچي دهشت گردي، ڀتا خوري، اسٽريٽ ڪرائيم، ٽارگيٽ ڪلنگ، ٻوري بند لاشن، روز روز جي هڙتالن، نسلي ۽ لساني فسادن ڪري دنيا جي خوف ناڪ ۽ دهشت گرد شهر طور ڄاتي سڃاتي ويندي هئي. اڄ جي ڪراچي ۾ يقينن انتظامي ۽ مڪاني سطح جا مسئلا آهن پر اڄ جي ڪراچي ۾ امن آهي ۽ اڄ جي ڪراچي ايم ڪيو ايم واري ڪراچي کان هزارين ڀيرا ڀلي آهي.
اسان جي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ ۾ موجود هر سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي سياست ڪرڻ جو ته حق آهي پر نفرتون ۽ تعصب ڦهلائڻ، نسلي ۽ لساني فسادن جو ماحول ٺاهڻ جو کين بلڪل به حق ناهي. مڪاني ۽ ضلعي نظام جي مضبوطي ۽ بااختياري جي ڳالهه درست آهي ۽ اسان به ان سان متفق آهيون پر سندن اهو رويو غلط ۽ ناقابل برداشت آهي ته اسان جو مطالبو تسليم نه ڪيو ويو ته اسان سنڌ کي ٻه اڌ ڪنداسين. اهڙي سياست ۽ بيان سان سنڌي قوم به مشتعل ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ سياسي جماعتن به اهڙو ئي جارحاڻو جواب ڏنو ته وڏو مسئلو ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري سياستدانن کي انتهائي ذميواري سان ڳالهائڻ گهرجي ۽ بيان بازي ڪرڻ گهرجي ته جيئن سندن بيان بازي ۽ سياست سان ڪو جهيڙو فساد نه ٿي پوي. سياست ڪنهن جذبات ۾ سڙي رک ٿيڻ جو نالو ناهي پر اها هڪ سائنس آهي هڪ اهڙي طريقي ڪار جو نالو آهي جيڪا پرامن ۽ شائسته طريقي سان عوام جا مسئلا حل ڪرائي پر هتي جون سياسي جماعتون ملڪ، صوبن ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ بدران پان هڪڙن مسئلن ۽ نفرتن جو بنياد بڻجن ٿيون. اهو رويو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. عوام کي صاف ۽ معياري سياست جي ضرورت آهي. معياري ۽ ذميوار سياست جي تقاضا اها آهي ته مسئلن تي هڪٻئي سان ڳالهايو وڃي. سياست ۾ ان اصول تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي ته هر مسئلي جو حل ڳالهيون هونديون آهن. ڳالهيون ئي مسئلن جو پهريون ۽ آخري حل سمجهيون وينديون آهن تنهن ڪري سياسي جماعتن کي سنجيدگي سان هڪٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. مثال طور ايم ڪيو ايم جيڪڏهن مڪاني نظام کي باختيار بڻائڻ جي قائل آهي ته ان تي ان کي پ پ سان پارلياماني زبان ۾ ڳالهائڻ گهرجي ۽ ڳالهائي ان کي قائل ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم کي ان حوالي سان تياري به ڪرڻ گهرجي. تياري مان مراد اها آهي ته مڪاني نظام بابت پ پ جي موقف کي پهريون سمجهڻ گهرجي. ان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته ضلعي نظام جو منشور بينظير ڀٽو، مشرف کان اڳ ۾ ڏنو هو. بينظير ڀٽو پنهنجي سياسي ڪيريئر جي ٻي اليڪشن ۾ جيڪو منشور پي ٽي وي ٻڌايو هو تنهن ۾ ضلعي حڪومتي نظام جو به پروگرام هو پر جيئن ته سندس حڪومت مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان پوءِ جلد ختم ٿي وئي هئي تنهن ڪري ان تي شايد عمل نه ٿي سگهيو هو پر مشرف جي دور ۾ پ پ به مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو هو ۽ ڪاميابي به ماڻي هئي. باقي اهو ته اسان به پ پ کي سمجهائڻ چاهيون ٿا ته ان جيئن ان ارڙهين ترميم ذريعي وفاق کان ڪجهه اختيار واپس وٺي صوبن کي ڏياريا هيا تيئن صوبن کي وري ضلعي سطح تي اختيار ڏيارڻ گهرجن ان سان گڊگورننس قائم ڪرڻ ۾ به مدد ملندي ۽ پوءِ صوبن جو مطالبو به نه ٿيندو. سو سنڌ ۾ ڌار صوبي واري غلط مهم کي روڪڻ لاءِ به ضروري آهي ته پ پ ضلعي حڪومت کي بااختيار بڻائڻ واري ترميم جو حصو بڻجي وڃي. سو ايم ڪيو ايم ۽ پ پ کي ان معاملي تي سنجيده سياسي جماعت طور پاڻ ۾ ڳالهائڻ گهرجي ۽ اجائي بيان بازين، الزام تراشين بليڪ ملينگ ۽ ڌمڪائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.