ايم ڪيو ايم وارن هميشه ڪراچي جو سستو سودو ڪيو: سعديا جاويد

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته لسانيات جو چورن وڪڻندڙ هميشه رڙيون ڪندا رهندا۔ سعديه جاويد چيو ته ايم ڪيو ايم وارن هميشه ڪراچي جو سستو سودو ڪيو، فنڊز ۽ وزارتون وٺي اڄ دعوائون ٿا ڪن ته وڌيڪ به وٺي سگهون ٿا۔ انهن چيو ته لوڪل گورنمينٽ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ايم ڪيو ايم پهچايو، انهن کي اختيار نه پر پنهنجو پيداگيري وارو نظام گهرجي، جيڪو لنگڙي، ٽي ٽي ۽ سپاريءَ تي هلندو آهي۔ سعديه جاويد الزام هنيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي پنهنجي هر ناڪامي ڪاميابي نظر ايندي آهي ۽ استعيفائن جو ڪارڊ استعمال ڪري سياست ۾ بليڪ ميلنگ ڪندا رهيا آهن۔ ترجمان چيو ته ڪراچي کي برباد ڪندڙ، غير قانوني ڀرتيون ڪرائيندڙ ۽ ڀتو وٺندڙ اڄ ڪراچي لاءِ ماتم پيا ڪن۔ پنجاب جي تعريف ڪرڻ وارا پنجاب جو بلدياتي نظام به ڏسي وٺن۔ سعديه جاويد چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ پنهنجي جعلي مينڊيٽ تي نه هجن، بلدياتي نظام کي پنهنجي گهر جو نظام سمجهي هلائڻ هاڻي ممڪن نه آهي۔ سندن موجب ظلم، جبر ۽ ڪوڙي مينڊيٽ تي ڪراچي تي راڄ ڪندڙن کي شهر مستقل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انهن وٽ رڙيون ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه بچيو آهي۔ آخر ۾ سعديه جاويد چيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه گڏ رهندي، سنڌ کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ ٽٽي چڪا آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.