حسينا واجد کي موت جي سزا دنيا لاءِ سبق آهي: حافظ نعيم

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته شيخ حسينا واجد کي موت جي سزا وارو فيصلو دنيا لاءِ عبرتناڪ سبق آهي. هن چيو ته شيخ حسينا اقتدار جي 15 سالن ۾ ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، عدالتي فيصلن کي انتقام جو هٿيار بڻايو، اهو تاريخ جو ڪارو باب آهي. ڀارتي سرپرستي ۽ ان جي هدايتن تي قومي مفادن جو سودو ڪرڻ جي باوجود هو نئين نسل کي گمراهه نه ڪري سگهي. سندس ئي قائم ڪيل خاص ٽربيونل حسينا واجد خلاف سخت سزا جو فيصلو ٻڌايو. اها ظالم حڪمرانن لاءِ تنبيه آهي ته انجام سڀني جي آڏو اچي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.