12 نوان صوبن جو سوشل ميڊيا تي نقشو،حقيقت يا فسانو؟

لاهور(امداد سومرو)گذريل ٻن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هڪ نئون نقشو وائرل آهي جنهن ۾ دعويٰ آهي ته 28هين ترميم ۾ پاڪستان کي 12 نون صوبن ۾ ورهايو ويندو، هي دعويٰ خاص ڪري انهن ماڻهن طرفان ڪئي پئي وڃي جيڪي اسٽيبلشمينٽ جا ويجها سمجهيا وڃن ٿا،ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ  به چيو آهي ته “سنڌکي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي تياري آهي،ٽي نوان صوبا ڪراچي صوبو،مهراڻ/ميرپور خاص-حيدرآباد پٽي ۽ باقي بچيل سنڌ هوندا،انهن دعوائن کان پوءِ خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن،پنجاب جا چار حصا:وفاقي راڄڌاني (اسلام آباد) جا علائقا،اولهه پنجاب،ڏکڻ پنجاب،بهاولپوربلوچستان  ۾ گوادر  الڳ يونٽ هوندو،خيبر پختونخواهه جا ٻه حصا،هڪ خيبر ٻيو هزارا هوندو جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جيئن جو تيئن ئي رهندا،ٻئي پاسي حڪومت يا پارليامينٽ طرفان ڪابه لسٽ جاري نه ٿي آهي۔جيڪي وائرل نقشا آهن، اهي صرف سوشل ميڊيا جي پيداوار آهن۔جڏهن ته  28هين ترميم  ۾،وفاقي مالي نظام بابت نيون شقون،سرڪاري آفيسرن بابت قانوني سڌارا اليڪشن ڪميشن ۾ سڌارا،تڪراري موضوع جهڙوڪ اين ايف سي، وزارتون واپس وفاق ڏانهن منتقل ڪرڻ شامل هوندا، سنڌ ۾ نون صوبن جي ڳالهه پ پ نه مڃيندي،ان ڪري “نقشو تبديل ٿيڻ” واري ڳالهه صرف خدشن ۽ بحث تائين محدود نظر اچي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.