ڪراچي (رپورٽر ) صوبائي وزير محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ سعيد غني چيو آهي ته جيڪڏهن ٽريڊ يونينسٽ جو مزدورن جي سياست جو انداز اهڙو ئي رهيو ته اسان اڳتي نه وڌي سگهنداسين ۽ ايندڙ 10 سالن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. اسان کي بدلجندڙ وقت ۽ حالتن مطابق پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ ٽريڊ يونينز اندر موجود خرابيون درست ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته يونيورلائيزيشن آف سوشل سيڪيورٽي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ بينظير مزدور ڪارڊ جو اجراء به ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. هوءَ صحافين سميت هر مزدور کي، جيڪو پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪري ٿو، رڪشا يا ٽيڪسي هلائي ٿو، پرائيويٽ ڊرائيور آهي يا ريڙها لڳائي ٿو، سوشل سيڪيورٽي جي نيٽ ۾ شامل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هي ڳالهيون هن گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائز ڪنفيڊريشن (ايپنڪ) جي سالياني چونڊن ۾ ڪامياب عهديدارن جي حلف برداري تقريب دوران مهمان خصوصي طور ڪيون. تقريب ۾ مظهر عباس، طاهر حسن خان، حبيب الدين جنيدي، لياقت شاهه، امتياز فاران، خورشيد عباسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته هو پاڻ کي اڃا تائين ٽريڊ يونين ورڪر سمجهندو آهي ۽ انهي تي ڪڏهن به شرمندگي محسوس نه ڪئي. سعيد غني چيو ته سوشل سيڪيورٽي يا ورڪر ويلفيئر بورڊ جو قانون صرف انڊسٽريل ورڪرز تائين محدود آهي، ۽ گذريل دور ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته سيلف ايمپلائيڊ، انفارمل ورڪرز ۽ ٻين کي به سوشل سيڪيورٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. بينظير مزدور ڪارڊ شروع ڪيو ويو، جيڪو صرف انڊسٽريل ورڪرز تائين محدود نه رهيو. هن چيو ته هر مزدور کي ڪجهه نه ڪجهه ڪانٽريبيوشن ڪرڻ ضروري آهي، جيئن هو نظام ۾ پنهنجي مالڪي جو احساس رکي. سعيد غني چيو ته ماهوار 2000 روپيا ڪانٽريبيوشن سان، مزدور جي ٻارن کي مفت تعليم ۽ سڄي فيملي کي طبي سهولتون مهيا ڪنداسين. سعيد غني چيو ته ورڪر ويلفيئر بورڊ مان هائوسنگ ڪڍڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته 50 سالن ۾ صرف 10 هزار فليٽ ٺاهي سگهيا آهن ۽ اربين خرچ ٿيا. اهو پيسو تعليم ۽ صحت تي لڳايو وڃي ته لکين مزدورن جي زندگي بهتر بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته ٽريڊ يونين جو موجوده انداز 50 کان 70 سالن پراڻو آهي، ۽ جيڪڏهن اهو برقرار رهيو ته ايندڙ 10 سالن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. اسان کي بدلجندڙ حالتن مطابق پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته صحافي تنظيمن ۽ ٽريڊ يونينز سڀني لاءِ سندس دروازا کليل آهن، پر خرابيون ٽريڊ اندر پاڻ درست ڪرڻ ضروري آهن. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن رستو صحيح آهي ته ايندڙ نسل لاءِ گهڻيون شيون بهتر ٿينديون، ۽ سنڌ حڪومت امڪاني قانونن تحت امپليمنٽيشن ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندي.