اسلام آباد(بيورو)سينئر صحافي حماد حسن ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي اڪانومسٽ جي آرٽيڪل کي ايترو وڌائي ڇو پيش ڪيو پيو وڃي،جڏهن ته اها سموري معلومات ته پاڪستان جي مقامي صحافين اڳيئي رپورٽ ڪري ڇڏي هئي۔چاهي اها آءِ ايس آءِ جي معلومات تي عمران خان کي ٽريپ ڪرڻ (رحمت الله ڪيس) واري ڳالهه هجي،يا جادو ٽوني، سياسي مداخلت يا طاقت جي راندهن لکيو ته اهي سڀ ڳالهيون اڳ ئي ميڊيا ۽ تجزين ۾ موجود هيون۔ته پوءِ هن آرٽيڪل ۾ نئون ڇا آهي؟سوچڻ جو مقام آهي؟ڪٿي 27هين ترميم ۽ خيبرپختونخواهه ڪابينا جي فيصلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِسرڪار يا ڪجهه حلقن طرفان پراڻي معاملي کي نئين ميڊيا ٽرائل جي صورت ۾ ٻيهر ته نٿو کولي ڇڏيو؟ هن چيو ته حڪمرانن تي عمران خان جو جيڪو خوف طاري آهي اهو پهرين ڪڏهن ڏسڻ ۾ نه آيو،