لنڊن(عوامي آواز رپورٽ)صحافي مبشر علي زيدي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته افتخار چوڌري واري وڪيل تحريڪ مشرف مخالف آءِ ايس آءِ هلائي هئي،هاڻي اهو ڪو راز ناهي۔سوال اهو آهي ته 27هين ترميم خلاف استعيفيٰ ڏيندڙ جج ۽ پي ٽي آءِ ساڳي قسم جي تحريڪ کڻي سگهن ٿا؟ڪا ايجنسي فنڊ ڪندي؟ميڊيا پهرين جهڙو ساٿ ڏيندو؟وڪيل تنظيمون تيار آهن؟منهنجي راءِ ۾ اڳوڻي جهڙو ماحول بلڪل موجود ناهي،هن لکيو ته فيلڊ مارشل (عاصم منير) جي فوج تي گهڻي مضبوط گرفت آهي۔شايد ڪجهه تقريبون، جلسا، يا علامتي سرگرميون ضرور ٿين،پر ڪا وڏي تحريڪ نه هلندي۔ استعيفيٰ ڏيندڙ جج آخرڪار پنهنجي پنشن وٺي خاموش ٿي ويهي رهندا۔وڪيل تنظيمون به هن تحريڪ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن۔مين اسٽريم ميڊيا اڳ جيتري طاقتور يا آزاد ناهي،ها، سوشل ميڊيا تي شور اڳ به موجود آهي،هاڻي ڪجهه وڌيڪ “رڙيون” ضرور ٻڌبيون،پر ڪو خاص اثر نه پوندو.