حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) 27هين ترميم، سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڊيمن، ڪينالن ۽ معدني وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن، قبيلائي دهشتگردي، ڪاروڪاري، عورتن جي قتلام خلاف سنڌياڻي تحريڪ پاران سٽي گيٽ حيدرآباد کان حيدرآباد پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو، سنڌ جي وحدت، وسيلن، زمينن ۽ درياهه جي حفاظت لاءِ سنڌياڻين قلم 144 کي ٿڏي ڇڏيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي سنڌو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ستار رند، لال جروار، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، ماهه نور ملاح، سڀاني ڏاهري، شمشاد ٻپڙ، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، ساجده پرهياڙ، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو،جامي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سٽي گيٽ کان شروع ٿيل مارچ سول اسپتال، تلڪ چاڙهي، حيدر چوڪ کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو، جتي جلسو ڪيو ويو. جلسي ۾ ناليواري ليکڪ اديب جامي چانڊيو، جنرل سيڪريٽري ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن ايڊووڪيٽ غفار ناريجو، جنرل سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ايڊوڪيٽ اسرار چانگ، ليکڪ ۽ محقق فهيم نوناري ۽ وڪيل اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته 27هين آئيني ترميم جمهوريت تي حملو آهي، ملڪ مٿان ڊڪٽريشپ مڙهي وئي آهي، هن ترميم وسيلي محمد علي جناح جي پاڪستان جو قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو بدترين فاشسٽ راڄ قائم آهي، ستاويهن آئيني ترميم وسيلي آمرن کي احتساب کان ڇوٽ ڏئي ملڪ ۾ بادشاهت قائم ڪئي وئي آهي، آئين چئي ٿو سمورا شهري برابر آهن، 27هين ترميم چئي ٿي حڪمران بالا آهن، جن تي ڪا به عدالتي ڪارروائي نه ٿيندي، چند حڪمرانن کي احتساب کان ڇوٽ ڏئي، آئين معطل ڪيو ويو آهي. هن مطالبو ڪندي چيو ته ملڪ جي آئين جو بنياد 1940 واري پاڪستان قرارداد تحت وڌو وڃي. حڪمرانن 27هين ۽ 26هين آئيني ترميمن ذريعي آئين جو چهرو بگاڙي ڇڏيو آهي. هنن ترميمن ذريعي عوام جا بنيادي انساني حق معطل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 27هين ترميم ذريعي عدليه غلام ڪئي وئي آهي، هاڻي حڪمران سنڌ جي معدني وسيلن سميت ٻين حقن تي ڌاڙو هڻندا، جنهن کي ڪا به ڪورٽ نه روڪي سگهندي، هاڻي حڪمران جي ڦرلٽ، ڌانڌلي جي بچاءِ لاءِ ڪوبه آزاد ادارو نه بچيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي وسيلن، زمينن ۽ قدرتي معدنيات کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي جهڙو آئين کان مٿانهون ادارو قائم ڪيو ويو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ مظلوم قومن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جي منظم سازش آهي. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ هزارين سالن جي تهذيبي تاريخ رکندڙ قومي وطن آهي، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ جي سازش ملڪ دشمن عمل آهي. سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ واري سازش کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. هن چيو ته سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب جو واحد شاهد سنڌو درياهه آهي. ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم ۽ 6 اسٽريٽجڪ ڪينالن جهڙا منصوبا سنڌ جو پاڻي زبردستي کسڻ جي سازش آهن. پيڪا ايڪٽ ضيائي ۽ ايوبي آمريت جو تسلسل آهي. اينٽي ٽررزم ترميمي ايڪٽ وسيلي 6 مهينا حراست عوام کان فيئر ٽرائل جهڙو بنيادي حق کسڻ جي سازش آهي. اهي ڪارا قانون آئين ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. مائينز اينڊ منرلز بل صوبن جي وسيلن تي ڌاڙو ۽ 18هين ترميم خلاف سازش آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ رياستي ادارن جي نااهلي سبب ڌاڙيلن کي جديد هٿيار ڏنا ويا آهن. سنڌ ۾ عوام غير محفوظ آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي جو ادارو به پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ٺاهيو ويو آهي. عدالتون جيڪي 26هين آئيني ترميم سبب اڳ ۾ ئي مفلوج آهن، تن کي مڪمل طور حڪومتي درٻار بنائڻ لاءِ 27هين ترميم آندي وئي آهي. هن چيو ته سنڌي عوام وٽ هاڻي پر امن جدوجهد کانسواءِ ڪو به رستو نه بچيو آهي. عوام جي هر طبقي جو عوامي جدوجهد جي ميدان ۾ اچڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي سرڪار جو بدترين فاشسٽ راڄ قائم آهي، بورڊ آف انويسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع ۽ 27هين ترميم ملڪ جي وجود تي وار آهي، سنڌ ۾ جاگيرداري نظام کي مضبوط ڪري عورتن جو قتلام ڪيو پيو وڃي، ڪارو ڪاري جو ڪاروبار حڪومتي سرپرستي ۾ جاري آهي. جلسي ۾ قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته 26هين ۽ 27هين ترميمن وسيلي جهڙي تهڙي متفقه آئين جو به چهرو مسخ ڪري عوام جا بنيادي حق معطل ڪري عدالتن کي لولو لنگڙو بڻائي ملڪ اندر آئيني آمريت مڙهي وئي آهي، 27هين ترميم وسيلي صدر ۽ فيلڊ مارشل کي تاحيات استثنا ڏئي، ملڪي توڙي اسلامي قانون ۽ 25 ڪروڙ پاڪستاني عوام کان بالاتر ڪري ملڪ مٿان بادشاھي نظام مڙھيو ويو آھي. جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. ايس آءِ ايف سي آئين کان مٿاهون ادارو آهي، جيڪو 18هين آئيني ترميم جو قتل آهي، ملڪ جي مظلوم قومن جي زمينن ۽ وسيلن جي وڪري لاءِ ٺاهيل هي ادارو فوري ختم ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ وارا منصوبا رد ڪيا وڃن. ڪمپنين حوالي ڪيل لکين ايڪڙ زمين واپس وٺي هارين حوالي ڪئي وڃي، سنڌ صديون پراڻو قومي وطن آهي، سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙي ملڪ دشمن سازش ڪندڙن خلاف قانوني قدم کنيا وڃن. سنڌو درياهه سنڌ جي تهذيبي تاريخ، وجود ۽ جياپي جو واحد ذريعو آهي. ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم ۽ 6 اسٽريٽجڪ ڪينالن سميت سنڌو درياهه تي سمورن ڊيم ۽ ڪينالن جا منصوبابند ڪيا وڃن، پيڪا ايڪٽ وارو ڪارو قانون ختم ڪري عوام کي اظهار جو حق ڏنو وڃي، اينٽي ٽيررزم ترميمي ايڪٽ تحت ملڪ جي ڪنهن به شهريءَ کي ڪنهن به ايف آئي آر نه هجڻ باوجود 6 مهينا حراست ۾ رکڻ آئين ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. اهو ڪارو قانون فوري ختم ڪيو وڃي. مائينز اينڊ منرلز بل اميڊمينٽ 2025ع 18هين آئيني ترميم جي خلاف ۽ صوبائي وسيلن تي ڌاڙو آهي. هي بل فوري واپس ورتو وڃي ۽ صوبن کي مڪمل اختيار ڏنا وڃن. ڪاروڪاري، سڱ چٽي، بدي جون شاديون ۽ نياڻين جي ننڍي عمر ۾ شادي وارن غيرانساني، عورت دشمن ۽ معاشري لاءِ تباهي آڻيندڙ رواجن جو خاتمو آندو وڃي. عورتن خلاف اڻ برابري وارو جوڙيل وحشياڻي، قبيلائي ۽ جاگيرداري نظام سنڌ جي ترقي، انساني برابري ۽ معاشرتي امن ۽ خوشحالي لاءِ وڏو خطرو آهي. اسان گهر ڪريون ٿا ته عورت دشمن هر قسم جي سماجي، روايتي ۽ قبيلائي نظام کي ختم ڪري، عورتن جي مڪمل تحفظ، بااختياري ۽ قانوني برابري لاءِ جامع قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا وڃن.