ڪراچي (رپورٽر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ لٽريچر فيسٽيويل ڪراچي ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڌرتي جي سڃاڻپ دولت، عمارتون ۽ گاڏيون نه پر امن، انصاف ۽ برابري آهي پاڪستان جي عام ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جوڙڻ جي ضرورت آهي. ناجائز دولت حاصل ڪرڻ سراب آهي، جنهن جو انجام رسوائي ۽ اڪيلائي آهي.اياز لطيف پليجي چيو ته شاھ لطيف، شيخ اياز، فيض احمد فيض ۽ احمد فراز محبت، امن ۽ ڀائپي جو پيغام ڏنو. پاڪستان جي وڏن شاعرن انقلاب، وطن دوستي ۽ محنت ڪشن جي عظمت کي اجاگر ڪيو. اسين پرستش تي نه پر قوم دوستي ۽ وطن دوستي تي يقين رکون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته ادب ۽ شاعري محبتون ۽ انسانيت وڌائڻ جو اهم ذريعو آهن پنهنجو قوم ۽ مذهب ته سڀ پسند ڪن ٿا، پر انسانيت کي افضل ڄاڻڻ اصل امتحان آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته آئين ۾ غير جمهوري ۽ آمراڻي ترميمن کي رد ڪيون ٿا سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو ته اُتر سنڌ کي سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. شيخ اياز ۽ شاھ لطيف جي ڌرتي ۽ وسيلن تي قبضي جي سخت مزاحمت ڪنداسين. ترقي پسند ادب انقلاب، وطن دوستي ۽ محنت ڪشن جي عظمت کي اجاگر ڪيو آهي سنڌ کي جوڙڻ جي ضرورت آهي، فڪرِ اياز ۽ فڪرِ لطيف ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جوڙين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا رستا بند ٿيل آهن ڳوٺن جي علائقن ۾ عورتون ۽ نياڻيون غير محفوظ آهن وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي ماڻهن جي شڪايتون ٻڌن، ۽ سندن مصيبتن جو ازالو ڪن. سنڌ جي مستقل رهواسين جون خوشيون، تڪليفون ۽ درد گڏيل آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان کي نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي. مسئلن جو حل عدالتي ٽڪراءُ نه پر هڪ منصفاڻو، روادار ۽ جمهوري وفاق آهي پاڪستان جي ماڻهن کي امن، ادب، علم ۽ سائنس سان جوڙڻ جي ضرورت آهي.اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي رڳو پنڻ سيکاريو اٿن. سنڌين جو ڪيريئر تباھ ڪرڻ جي سازش آهي سنڌي جيڪي دنيا جا فاتح ھئا جن ڳاٽ اونچا ھئا امن،جدت جا دائي ھئا علمبردار ھئا ترقي، ڀائيچاري، محبت جا انھن سنڌين کي ھٿ ۾ ڪشتو مايون مرد سڀ ويٺا پنن. بجلي جي ڪنڊي، بدلي ۾ جليا پيا آهن. سارين جي اگھ ۽ منٿن ۾ لڳا پيا آهن، سنڌين لاءِ روزگار ۽ ترقي جو رستو بند آهي. سنڌيو توهين مالڪ آهيو توهين بادشاھ آهيو توھان هن خزاني جا ڌڻي آهيو زمين ۾ پوريل خزانا، وسيلا، گئس، پئٽرول، ڪوئلو، پاڻي سڀ توهان جو آھي.اياز لطيف پليجي چيو ته ڪامياب اھي ٿيندا، جن کي شڪستون، نفرتون، دوکا ۽ مھڻا ويھاري نه سگھن، جيڪي رڪاوٽن مان رستا بڻائي سگھن، جيڪو خطرن ۽ چيلينجن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو سمجھي، لڳاتار ھلندا رھن.