سکر (رپورٽ :شفيع محمد ابڙو) سکر جي آباد ٿاڻي جي حدن ۾ واقع ڳوٺ گننگ واھ ۾ جوابدار هزارو خان شر پسٽل جا فائر ڪري 30 ورهين جي زال سسئي کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتولا جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مقتولا ٽن ٻارن جي ماءُ هئي. پوليس جوابدار هزارو شر کي گرفتار ڪري پسٽل به برآمد ڪري ورتو آهي، مقتولا جي چاچي محرم شر جو چوڻ آهي ته هزارو شر ٻي شادي ڪرڻ چاهيو ٿي، ڀائٽي اجازت نه ڏني ته ان کي قتل ڪري ڇڏيو. قتل ۾ ٻيا ٻه جوابدار به شامل آهن جيڪي فرار ٿي ويا آهن هن مطالبو ڪيو ته سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،