حيدرآباد/بدين (پ ر+ڊ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ماروي سنڌو، حسنه راهوجو ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته 16 نومبر تي پر امن احتجاجي مارچ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، هزارين سنڌياڻيون سٽي گيٽ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ ڪنديون، مارچ ۾ عورتون پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ اينديون، سنڌ جي وجود جي تحفظ لاءِ سنڌ جو ٻچو ٻچو وڙهندو. اڳواڻن چيو ته 27هين آئيني ترميم، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، معدني وسيلن تي ڌاڙن، قبيلائي دهشتگردي، ڪارو ڪاري ۽ عورتن جي قتل خلاف هي پرامن احتجاج آهي. سٽي گيٽ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان جلسو ڪيو ويندو.ٻئي پاسي سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ اعلانيل "سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ” ۾ شرڪت لاءِ تياريون تيز، عوامي تحريڪ ضلعي سجاول ۽ بدين جي جو گڏيل اجلاس گولاڙچي ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ٻنھي ضلعن مان شرڪت جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ ٻنهي ضلعن مان هزارين سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون، ڀائر، ٻار ٻڍا قافلن جي صورت ۾ شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار ۽ مرڪزي نائب صدر ستار رند خصوصي شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 27هين آئيني ترميم جي وسيلي لُولي لنگڙي ۽ نالي ماتر جمھوريت تي راتاھو ھڻي قتل ڪري ھائبرڊ مارشلا ۽ بدترين آمريت کي قانوني تحفظ فراھم ڪيو ويو آھي. هنن وڌيڪ چيو ته 27 ھين آئيني ترميم سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، معدني وسيلن تي ڌاڙن، قبيلائي دهشتگردي، ڪارو ڪاري ۽ عورتن تي وڌندڙ ظلم خلاف 16 نومبر تي سٽي گيٽ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين زبردست مارچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ بدين ۽ سجاول مان وڏي انگ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون معصوم ٻارن سميت وڏي تعداد م شرڪت ڪنديون.هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت ملڪ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ جمهوريت کي ڪمزور، عدليا کي اپاهج ۽ ميڊيا کي پيڪا ايڪٽ جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته معدني وسيلن تي به منظم طريقي سان قبضا ڪيا پيا وڃن. اڳواڻن چيو ته عالمي سامراجي قوتون ملڪ جي عدليا کي ڪمزور ڪري ملڪ جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيون آهن. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز، مرڪزي اڳواڻ محمد علي ٽالپر، مجيد ساگر، مھراڻ درس، ھميرو مل، جاکرو نوحاڻي،ماحمد راھو، لطيف اياز، غلام محمد جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.