نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا شهناز گل ليجنڊري قوال استاد نصرت فتح علي خان لاءِ پنهنجي گهري عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.
ريئلٽي شو ”بگ باس“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ شهناز گل چيو آهي ته نصرت فتح علي خان جو آواز مون کي خدا جي ويجهو ڪري ڇڏيندو آهي.
هن چيو ته جڏهن مان نصرت فتح علي خان جون قواليون ٻڌندي آهيان ته دل کي ڏاڍو سڪون ۽ روحاني توانائي ملندي آهي، اها موسيقي انسان کي عشق الاهي ۽ خدا سان جڙڻ جو احساس ڏياري ٿي.
You might also like