دوحا (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز ۾ پاڪستان شاهينز عمان کي 40 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دوحا ۾ کيڏيل ميچ ۾ عمان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 220 رنسون ٺاهيون.
معاذ صداقت 54 بالن تي 9 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 96 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته سعد مسعود 19 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ڪپتان عرفان نيازي 44، ياسر خان 26، محمد فائق 19 ۽ محمد نعيم 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ عمان جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان عبيد شاهه 3، معاذ صداقت ۽ سعد مسعود 2-2 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان جو ايندڙ مقابلو 16 نومبر تي روايتي مخالف ڀارت سان ٿيندو.
You might also like