”سرڪاري وسيلن جو سياسي مقصدن لاءِ استعمال“ عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ احتجاجي ريلين، لانگ مارچ ۽ سياسي جلسن ۾ سرڪاري مشينري ۽ وسيلن جي استعمال خلاف ڪيس جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
جسٽس صاحبزادا اسدالله طرفان 4 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومت سميت سڀني ڌرين کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته ڪنهن به سياسي سرگرمي، جلسي يا لانگ مارچ ۾ سرڪاري وسيلن جو استعمال نه ڪيو وڃي.
فيصلي موجب سرڪاري مشينري ۽ وسيلن جو سياسي مقصدن لاءِ استعمال ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.
فيصلي ۾ درخواستگذار جو موقف شامل ڪندي چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومت مبينا طور جلسن ۽ مارچن ۾ سرڪاري وسيلن جو استعمال ڪندي رهي آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ سرڪاري مشينري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي ۽ واضح ڪيو ته سرڪاري وسيلا رڳو عوامي خدمت لاءِ آهن، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.