ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي هاڪي ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ پهچ حاصل ورتي.
ڍاڪا ۾ کيڏيل ٽن ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 8 گولن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي به ماڻي ورتي، پاڪستان جي سفيان خان کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته پاڪستان کي هاڪي ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ پهچ لاءِ سيريز کٽڻي هئي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 16 نومبر تي کيڏي ويندي.
ياد رهي ته پاڪستان پهرين ميچ ۾ بنگلاديش کي 2-8 تان شڪست ڏني هئي.
You might also like