سنڌ ۾ ٻه ارب جاري ٿيڻ باوجود نانگ ڪکڻ جي ويڪسين تيار نه ٿي سگهي

ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) پي اي سيءَ ۾ سال 2012ع کان 28 سئو ملين روپين جي اي ڊي پي اسڪيم تحت 2 ھزار ملين روپيا جاري ٿيڻ ۽ سنڌ ۾ ساليانو نانگ جي ڏنگڻ جا 54 ھزار ڪيس رپورٽ ٿيڻ باوجود اڃان تائين سنڌ ۾ زهريلي نانگن جي ڏنگڻ کان بچاءُ جي ويڪسين تيار نه ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. سنڌ جي صحت کاتي 2012ع کان 2023ع تائين نانگن جي ڏنگڻ کان بچاءُ لاءِ ويڪسين جي تياريءَ جي ان منصوبي تي 1700 ملين روپيا خرچ ٿيڻ کان پوءِ 2024ع ۾ اِها ويڪسين تيار ڪرڻ جو اِهو منصوبو سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت نانگن جي ڏنگڻ کان بچاءُ جي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ لائيو اسٽاڪ کي 350 ملين روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن پر 2024ع کان هن وقت تائين هڪ به ويڪسين تيار نه ٿي سگهي آهي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ماتحت سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ نانگن کان ڏنگڻ کان بچاءُ جي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ جرمني، سوئٽزرلينڊ ۽ آمريڪا کان مشينري جي خريداريءَ سميت ٻين شين جي خريداريءَ لاءِ 300 ملين جو ٽينڊر منظور ڪري هڪ سال اندر اهڙي ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. خميس ڏينهن پي اي سيءَ جو اجلاس  چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سال 2024ع ۽ 2025ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن قاسم سومرو، طه احمد سميت سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي، ڊي جي ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ پاران هڪ آڊٽ پيرا تي اعتراض اٿاريو ويو ته لائيو اسٽاڪ کاتو جانورن ۾ وبائي بيماريءَ کان بچاءُ جي پي پي آر ويڪسين ۽ ايم ايف ڊي ويڪسين تيار نه ڪري سگهيو آهي جنهن ڪري جانورن ۾ موت جو ريشو 70 سيڪڙو آهي جنهن تي لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري پي اي سي کي ٻڌايو ته پي پي آر ويڪسين تيار ٿي چڪي آهي ۽ ايم ايف ڊي ويڪسين تياري جي مرحلي ۾ آهي. اجلاس ۾ سال 2012ع کان 2800 ملين روپين جي اي ڊي پي اسڪيم تحت 2000 ملين روپيا جاري ٿيڻ ۽ سنڌ ۾ ساليانو نانگن جي ڏنگڻ جا 54000 ڪيس رپورٽ ٿيڻ باوجود اڃان تائين سنڌ ۾ زهريلي نانگن جي ڏنگڻ کان بچاءُ واري اينٽي سنيڪ وينم ويڪسين تيار نه ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. ڊي جي لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙو پي اي سي کي ٻڌايو ته زهريلي نانگن جي ڏنگڻ کان بچاءُ جي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ 2800 ملين روپين جي اي ڊي پي اسڪيم 2012ع ۾ شروع ٿي جنهن تحت صحت کاتي کي 1700 ملين روپيا جاري ٿيا هئا پر سال 2024ع ۾ اهڙي ويڪسين تيار ڪرڻ جو اِهو منصوبو لائيو اسٽاڪ حوالي ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ هلندڙ سال لائيو اسٽاڪ کاتي کي 350 ملين روپيا جاري ڪيا ويا آهن جن مان کاتي پاران نانگن کان ڏنگڻ کان بچاءُ جي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ جرمني، سئزرلينڊ ۽ آمريڪا مان مشينري جي خريداريءَ سميت ٻين شين جي خريداريءَ لاءِ 300 ملين جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي ۽ هڪ سال ۾ لائيو اسٽاڪ کاتو اهڙي ويڪسين تيار ڪندو. هن چيو ته ويڪسين جي تياريءَ لاءِ ڪجهه گهوڙا ۽ نانگ خريد ڪيا ويا آهن پر مشينري جي خريداريءَ کان پوءِ نانگن جي زهر ۽ گهوڙن جي رُت جي سيمپلن مان نانگ جي ڏنگڻ کان بچاءُ واري ويڪسين تيار ڪئي ويندي. ڊي جي لائيو اسٽاڪ پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته 55 قسمن جا نانگ آهن جن مان 13 زهريلا ۽ 7 قسمن جا نانگ موتمار آهن جن ۾ ڪوبرا، ٻن منهن وارو نانگ ۽ ٻيا نانگ پڻ شامل آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ هر سال نانگن جي ڏنگڻ جا 54000 ڪيس رپورٽ ٿين ٿا پر موتمار نانگن جا صرف 7 قسم هجڻ سبب هڪ اندازي موجب موت جو ساليانو ريشو 500 کان 1000 هزار آهي جڏهن ته حتمي تعداد صحت کاتو ڏئي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.