ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم چيو آهي ته اسان جي حڪمرانن آمريڪا کي خدا جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي، عمران خان سياسي قيدي آهي، جيڪڏهن هن مٿان ڪرپش جو الزام آهي ته پوءِ صدر زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف قيد ۾ ڇو نه آهن، 27 آئيني ترميم پاس ڪندڙ سڀئي اقتداري پارٽيون آمريت جي پيداوار آهن ۽ مان چيف مارشل عاصم منير کان سوال ڪيان ٿو کيس ته اهڙي ڪهڙي پريشاني هئي جو هن کي تاحيات نوڪري جي گهرج پئي آهي، هميشه اقتدار تي رهڻ ۽ احتساب کان محفوظ رهڻ اسلام ۽ شريعت ۽ ملڪ جي آئين خلاف عمل آهي، جنرل عاصم پاڻ کي قرآن جو حافظ سمجهي ٿو ۽ جيڪڏهن کيس ان جي هدايتن جي صحيح ڄاڻ آهي ته هو تاحيات پنهنجي عهدي تي رهڻ واري خواهش ختم ڪري، مان بلاول ڀٽو زرداري جي 27 ترميم ۽ آمريت جي حق ۾ پارليامينٽ ۾ تقرير ڪرڻ تي حيران آهيان ته هو پاڻ کي ڪيئن جمهوريت پسند ۽ ڦاهي تي چڙهيل ناني جو ڏوهٽو آهي، هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب طرفان ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي مليل دعوت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته 26,27 ۽ پوء هائي 28 ترميم به سامهون ايندي ترميمن ۾ ڪا هڪڙي اڌ شق وجهي ان سموري ترميم کي منظور ڪرايو وڃي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته 26 ترميم اول پاس ٿي ۽ بعد ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ان جو دستاويز ڏنو ويو هو، اها آهي پارليامينٽ جي آزادي ۽ احترام، هن چيو ته 27 ترميم جي حمايت ڪندڙ پارٽين جي پرورش آمريت ۾ ٿي آهي، جن فاطمه جناح خلاف ايوب خان جو ساٿ ڏنو، حافظ نعيم چيو ته ملڪ ۾ سڌي طرح 35 سال آمرن جي حڪومت رهي آهي ۽ بعد ۾ آيل جمهوري حڪومتون به آمرن جي مرضي سان ٺھيون آهن، جيڪڏهن اهي جمهوريت پسند هجن ها ته ميثاق جمهوريت جي دستاويز ۾ وڌيڪ ترميمون ڪن ها، پر هو وقت جي ضرورت موجب اسٽيبلشمينٽ زنده باد مردہ باد جا نعرا هڻندا رهن ٿا هن چيو ته هو عاصم منير کان مطالبو ڪري ٿو ته هو قرآن جي آيتن موجب پنهنجي نوڪري جي واڌ لاءِ اسلامي ثبوتن سان سامهون اچي ۽ عهدي وٺڻ کان انڪار ڪري، 26 هين ترميم مهل به مولانا فضل الرحمان جو گهر مرڪز بڻجي چڪو هو، حافظ نعيم چيو ته 27 هين ترميم بعد جيڪا گهٽ ٻوسٽ پيدا ٿيندي، اها ڪنهن به عوامي انقلاب ۽ انارڪي پيدا ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪنهن جي فون اچڻ تي يا طاقت جي زور تي ووٽ ڪندي آهي پر شايد هن دفعي کين ڪابه فون نه آئي هوندي، اها ڪراچي جي شهرين جي ڌڪاريل آهي، پر کين اسيمبليءَ ۾ خاص سيٽون ڏنيون ويون آهن، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف افغانستان کي آمريڪا جي حوالي نه ڪري ها ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهڙي صورتحال پيدا نه ٿي ها، افغان مسئلو صرف ڳالهين سان حل ٿي سگهي ٿو هن چيو ته ڪن مخصوص فردن جي طاقت برقرار رکڻ لاءِ ڪورٽن کي ڪمزور ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۽ ادارن جي سربراهن کي انصاف آڏو جوابده بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ 27 ترميم بعد آمريت قائم ٿيندي ۽ ججن جون بدليون طاقتورن جي مرضي سان ٿينديون