دهشتگردن جي خاتمي تائين افغانستان سان واپار بند رهندو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسين اندرابي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪابل ۾ ڪنهن حڪومت سان ڳالهين کان پاسو ناهي ڪيو پر ڪنهن دهشتگرد گروهه سان ڳالهيون نه ٿينديون.
هفتيوار بريفنگ ڏيندي طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان ڪنهن به دهشتگرد گروهه ڀلي اهو ٽي ٽي پي هجي يا بي ايل اي، ڳالهيون نه ڪندو، طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان تي حملن ۾ واڌ ٿي، نقصان باوجود اسان صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ صورتحال کي بگڙڻ نه ڏنو، اسان کي اميد هئي ته طالبان انتظاميا ٽي ٽي پي خلاف عملي قدم کڻندي.
هن چيو اميد ته افغان طالبان ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪندا، پاڪ فوج هر قسم جي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردن جي خاتمي تائين افغانستان سان واپار نه ٿيندو، واپار انساني جانيون کان وڌيڪ اهم ناهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر جو جوهري تجربن تي بيان ڏٺو آهي، ان تي ڀارتي پروپيگنڊا ناڪاري، غلط ۽ بي بنياد آهي، پاڪستان 28 مئي 1999 ۾ آخري جوهري تجربو ڪيو هو، ڀارت جو جوهري سيفٽي ۽ سيڪيورٽي جو رڪارڊ سٺو ناهي، گذريل سال ڀاڀا نيوڪليئر ري ايڪٽر تان چوري ٿيل مواد بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.