27هين ترميم وفاقي ڍانچي، صوبن جي حقن تي سڌو حملو آهي:راشد محمود

گھوڙاٻاري (رپورٽ: سيد امير شاهه ڀاڏائي) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود  ومرو چيو آهي ته جماعت 27هين آئيني ترميم کي مڪمل طور رد ڪري ٿي، اها وفاقي ڍانچي، صوبن جي حقن ۽ ملڪ جي اسلامي سڃاڻپ تي حملو آهي. سيرتِ مصطفيٰ صه ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته حڪمران عوامي مسئلن جي بجاءِ غير ضروري ترميمن ۾ مصروف آهن ۽ اهو سنڌ جي مفادن جي خلاف آهي. مولانا راشد چيو ته جماعت سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ حقن جي حفاظت لاءِ هر فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي ۽ قانوني، جمهوري طريقن سان تحريڪ جاري رکندي. افغان شهرين جي نيڪالي بابت هن اخلاقي قدمن تي زور ڏنو ته ڪم ڪندڙن جي ملڪيت ۽ معاوضي جو خيال رکيو وڃي. مولانا راشد چيو ته مدرسا غريبن ۽ يتيم ٻارن لاءِ اهم تعليمي مرڪز آهن. جماعت هر اهڙي فيصلي کي روڪڻ لاءِ ميدان ۾ رهندي، جنهن سان سنڌ ۽ ملڪ جي مفادن کي نقصان پهچندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.