27 هين ترميم ۾ پ پ پنهنجي وڃايل ساک بحال ڪرڻ لاءِ واويلا ڪئي:قادر مگسي

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ : اويس حيدر شورو) سنڌ ترقي پسند پارٽي 27 هين آئيني ترميم کي جمهوريت لاءِ آمريت جو راتاهو  قرار ڏئي عوام دشمن ترميم قرار ڏئي ڇڏيو آهي ، اهڙو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ٽنڊو محمد خان ۾ ميٽ دي پريس کي مخاطب ٿيندي ڪيو ، هن اهو به واضع ڪري چيو ته 27 هين آئيني ترميم ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڪا به شق شامل نه ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پ پ سنڌ جي اندر پنهنجي وڃايل ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽوڙڻ جي سازش ڪامياب نه ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي واويلا ڪئي ، اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ سميت ڪيترائي خدشا ظاهر ڪيا جيڪي صرف پ پ لاءِ پنهنجي اقتداري جنگ جو حصو بڻيل رهيا پر هن 27هين آئيني ترميم جي ذريعي حڪمرانن پنهنجا ذاتي مفاد ۽ شخصي مفادن کي ترجيع ڏئي پاڻ کي ڪرپشن ۾ سزا کان بچائڻ لاءِ جيڪا قانون سازي ڪئي آهي ان ۾ عدالتن کي انصاف ڏيارڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي آهي ته وري اڳوڻي آمر ڊڪٽيٽر جنرل ضيا جي 8 آئيني ترميم ذريعي پنهنجي نالي کي شامل ڪرڻ وارو عمل ٻيهر 2025 دوران ساڳيو عمل ورجايو ويو آهي ، جيڪو وري ڪيترائي ورهيه ان کي رد ڪرڻ ۾ لڳي سگهن ٿا ، جنهن جي ڪري حڪمرانن کي اسيمبلين جي اندر ٻيهر قانون سازي ذريعي 27هين آئيني ترميم ۾ ترميمون آڻي ان کي جمهوريت لاءِ فائديمند بڻائي سنڌ ۽ پاڪستان جي اجتماعي مفادن لاءِ عوام دوست آئيني ترميم بڻائي وڃي ، عوام جي مفادن جي خلاف ڪا به ترميم قبول نه ڪئي ويندي هن چيو ته  ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ پرڏيهين جي غيرقانوني آبادي خلاف نالي ۾ ڪيل آپريشن ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي جنهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ افغانين سميت سمورن غيرقانوني آيل پرڏيهين کي واپس پنهنجي ملڪن ڏانهن ڊي پورٽ ڪيو وڃي ، ان موقعي تي نثار ڪيريو،احمد نوناري ، اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاھ ، بابو شاھ ڀاڏائي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.