ڪراچي(عرفان بلوچ)ڪراچي پريس ڪلب سامهون 27 هين آئيني ترميم خلاف عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻ سيد خليل احمد شاہ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهري ۾ عامر نواز وڙائچ، عاقب راڄپر جي ايم ڪورائي سميت وڪيل برادري پاران ريلي ڪڍي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،خليل شاھ ،وڪيل اڳواڻ عاقب راڄپر ، جي ايم ڪورائي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 27 هين آئيني ترميم کي ملڪ جي وڪيل برادري رد ڪري ٿي اهڙي ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي،هنن چيو ته 27هين ترميم جي ذريعي آئين ۾ اهڙيون تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جيڪي نه رڳو صوبن جا حق محدود ڪنديون پر پارلياماني نظام کي به ڪمزور ڪنديون۔