رياست ۽ قوم هڪ آهن، دهشتگردن کي شڪست ملندي: غلام مرتضيٰ جتوئي

نوشهرو فيروز (ڊ ر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلام آباد ۾ ٿيل آپگھاتي حملي جي مذمت ڪئي ۽ شهيدن کي  ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته اهي حملا بزدلاڻيون سازشون آهن ۽ جلدي ئي ملوث ڌرين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. غلام مرتضيٰ مطابق رياست ۽ قوم هڪ آهن ۽ قوم پاڪستاني فوج سان گڏ آهي، عوام گڏجي دشمنن جي ناپاڪ ارادن جو مقابلو ڪندو. هن شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو.

جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس منيب اختر خريد نٿا ڪري سگهجن:شبر زيدي

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه،جسٽس منيب اختر پئسي واري پيءُ جا پٽ آهن انهن کي ڪير خريد نٿو ڪري سگهي، طاقتور  حلقن کي خوف هو،هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن چيو ته جسٽس منصور علي شاهه،جسٽس منيب اختر،جسٽس عائشه ملڪ،جسٽس اطهر من الله غريبن جو اولاد هجن ها ته انهن کي چار گاڏيون ۽ بنگلا ڏئي خاموش ڪرائي پئي سگهجيو،ان ڪري انهن کي سائيڊ لائن ڪري اهڙو شخص آندو ويو جنهن کي خريد ڪري سگهجي..

جن به استعيفيٰ ڏني،تڪڙي منظور ٿيندي: فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ)سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته جنهن جنهن جون استعيفائون اينديون رهنديون اهي فوري طور منظور به ڪيون وينديون،اڃا ته شروعات آهي،وڌيڪ استعيفائون به اينديون،هن چيو ته ڪنهن به ڪو تير ناهي هلايو،هونئن به سروس ۾ گهٽ وقت بچيو هو،قوم کي هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته ڪير ڪنهن ڪنهن مخصوص پارٽي جو سهولتڪار هو،مان جنهن هلچل جو ذڪر ڪري رهيو هئس اهو طوفان آڻڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.