چيف جسٽس اڄ فل ڪورٽ اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ججن پاران خط لکڻ کان پوءِ چيف جسٽس يحييٰ آفريدي اڄ 27 هين آئيني ترميم  تي فل ڪورٽ اجلاس سڏائي ورتو آهي، اجلاس جمعي جي نماز کان اڳ ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فل ڪورٽ اجلاس ۾ 27 هين آئيني ترميم تي بحث ڪيو ويندو. ان کان اڳ، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله کان پوءِ، سپريم ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور به چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي خط لکي 27 هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.