ٽنڊو الهيار (رپورٽ: حسرت لغاري) ٽنڊوالهيار شهر ۾ نوجوان علي ڏنو خاصخيلي کي سندس زال رضوانا ۽ ٻين ٽن جوابدارن گڏجي کٽ جي واڏڻ جي رسي سان ڦاهو ڏئي قتل ڪيو. واقعي جو انڪشاف پاڙيسرين جي اطلاع تي پوليس پهچڻ بعد ٿيو، جڏهن رضوانا متضاد بيان ڏيڻ لڳي. رضوانا مڙس جي آپگهات جو بهانو بنائي دانهون ڪيون هيون جنهن تي پاڙي وارا پهتا هئا. پوليس شڪ جي بنياد تي کيس گرفتار ڪيو. پوليس موجب نوجوان کي پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن کي حوالي ڪيو ويو ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مقتول جي پيءُ علي حسن خاصخيلي ٻڌايو ته قتل ۾ ننهن رضوانا، لطف ۽ دودو ملوث آهن. پوليس الزامن جي جاچ ڪري رهي آهي.