سکر ۾ دهشت جي علامت سلطان شاهه ۽ پٽ حبدار شاهه پوليس هٿان مارجي ويا

سکر/ڪراچي (سيد نعيم شاهه/رپورٽر) سکر ۾ بدنام ڏوهاري سلطان شاهه ۽ سندس پٽ حبدار شاهه پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا جڏهن ته پوليس ڪانسٽيبل فضل ڀٽو زخمي ٿي پيو. سلطان شاهه خطرناڪ ڏوهاري هو جيڪو چوري، ڌاڙن، اغوا ۽ پوليس مقابلي سميت 48 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو. ايس ايس پي سکر، اظھر خان مغل موجب، سلطان شاهه ۽ سندس پٽ روهڙي ۾ واردات ڪري رهيا هئا، جتي انهن هڪ نوجوان فيضان شيخ کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو. پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪيو، ڏوهاري سي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ داخل ٿي ويا، جتي سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سلطان شاهه ۽ حبدار شاهه مارجي ويا. پوليس ٻنهي جا لاش ۽ هڪ گاڏي تحویل ۾ ورتي آهي. سلطان شاهه جي سر تي 20 لک رپيا انعام مقرر هو، جنهن کان پوءِ انعامي رقم 50 لک رپيا ڪرڻ جي تجويز سنڌ حڪومت ڏني هئي. ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي سکر، سلطان شاهه جي موت کي علائقي ۾ امن لاءِ اهم قدم قرار ڏنو. جڏهن ته زخمي فيضان شيخ جي حالت به خطري کان ٻاهر آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار پوليس جي بهادري تي مبارڪباد ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.