بالي ووڊ جي سڀ کان شاهوڪار اداڪارا جو نالو ۽ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچي ويا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري (بالي ووڊ )جي مشهور اداڪارا جوهي چاولا ملڪ جي امير ترين اداڪارا بڻجي وئي آهي.
ڀارتي اداري هورون انڊيا رچ لسٽ 2025ع موجب، جوهي جا ڪُل اثاثن جي ماليت اٽڪل 7990 ڪروڙ روپيا آهي، جيڪا ريکا، عاليه ڀٽ، دپيڪا پاڊوڪون، ڪترينا ڪيف ۽ ايشوريا راءِ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي.
جيتوڻيڪ اداڪارا ڪيئي سالن کان بالي ووڊ سرگرم نه آهي، پر سندس مالي اثاثن ۾ واڌ جو ڪارڻ رڳو اداڪاري تي نه پر گهڻ رخي سيڙپڪاري تي آهي.
اداڪارا جا 7 مختلف آمدني جا ذريعا آهن، جن ۾ ڀائيواري، ڪاروبار ۽ ريئل اسٽيٽ شامل آهن.
جوهي چاولا ۽ سندس مڙس صنعتڪار جئه مهتا، آءِ پي ايل ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جا شريڪ مالڪ آهن، جن ۾ سندن ويجهو دوست شاهه رخ خان پڻ شامل آهي.
ان کانسواءِ جوهي شاهه رخ خان جي فلم پروڊڪشن ڪمپني ريڊ چليز گروپ جي شريڪ باني پڻ آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، جوهي ۽ جئه مهتا وٽ ڀارت ۾وڏي پئماني تي ريئل اسٽيٽ پورٽ فوليو موجود آهي ۽ ٻئي ممبئي ۾ ٻه فائن ڊائيننگ ريسٽورنٽ گسٽووسو ۽ روڊي ليبن جا مالڪ پڻ آهن.
واضح رهي ته جوهي چاولا پنهنجو فلمي سفر عامر خان سان ”قيامت سي قيامت تڪ“ کان شروع ڪيو هو، ۽ پوءِ ڪيئي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ هوءَ مُک ڪردارن ۾ نظر آئي، جن ۾ ” راجو بن گيا جينٽلمين“،”ڊر“، ” رام جاني“، ” يس باس“، ” بول راڌا بول“، لُٽيري“، ” عشق“ ۽ ” ديوانا مستانا“ شامل آهن.
جوهي آخري ڀيرو 2019ع ۾ رليز ٿيل فلم ”ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا“ ۾ ڪم ڪيو هو، جڏهن ته 2023ع ۾ هوءَ نيٽ فلڪس جي سيريز ”فرائيڊي نائيٽ پلان“ ۽ ” دي ريل وومين “ ۾ نظر آئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.