ايشز سيريز کان اڳ آسٽريليا کي وڏو ڌڪ، ٻه اهم فاسٽ بالر انجري جو شڪار

سڊني (ويب ڊيسڪ) ايشز سيريز کان ڪجهه ڏينهن اڳ ميزبان آسٽريليا جا ٻه اهم بالر انجريءَ جو شڪار ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بالر جوش هيزل ووڊ ۽ شان ايبٽ انجري مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، نو ڏينهن کانپوءِ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ تاريخي ايشز سيريز شروع ٿيڻ واري آهي ۽ هن صورتحال ۾ آسٽريليا کي فاسٽ بالرن جي غير موجودگي جو خدشو آهي.
جوش هيزل ووڊ ۽ شان ايبٽ جي غير موجودگي ۾ فاسٽ بالر برينڊن ڊوجيٽ لاءِ آسٽريلوي ٽيم جا در کلي سگهن ٿا.
واضح رهي ته ٻئي فاسٽ بالر سڊني ۾ شيفلڊ شيلڊ ميچ دوران فٽنيس مسئلن جو شڪار ٿيا هئا، ۽ مانجهاندي جي وقفي کان پوءِ فيلڊنگ لاءِ نه آيا هئا.
ان کانپوءِ ڪرڪيٽ نيو سائوٿ ويلز تصديق ڪئي هئي ته فاسٽ بالرز جو معائنو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.