”شُڀمَن گِل سان ڪو نه ڪو رشتو هوندو“، شهناز گِل خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره ۽ بگ باس 13 جي مشهور اميدوار شهناز گل ڀارتي ڪرڪيٽر شُڀمَن گِل جي ڀيڻ هجڻ بابت هلندڙ افواهن تي ردعمل ڏنو آهي.
شهناز بگ باس جي 13هين سيزن ۾ حصو وٺڻ کان پوءِ شهرت حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ هوءَ ڪيترن ئي ميوزڪ وڊيوز ۾ نظر آئي ۽ سلمان خان جي فلم ”ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان“ ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو.
ڪيترن ئي مداحن جو خيال آهي ته شهناز ۽ شُڀمَن جو هڪٻئي سان تعلق اهي، ڇو ته ٻنهي جو سر نيم (گل) هڪ جهڙو آهي.
تازو هڪ انٽرويو دوران جڏهن ميزبان کائنس ان افواهه بابت سوال ڪيو ته شهناز گل مرڪندي ڀوڳن ۾ جواب ڏنو ته ”هو منهنجو ڀاءُ هوندو، ڇو ته اسان ٻئي امرتسر جا آهيون ۽ ٻنهي جي نالن ۾ گِل اچي ٿو، جڏهن هو ٽرينڊ ڪندو آهي ته منهنجو نالو به وچ ۾ اچي ويندو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”مون پاڻ کان پڇيو ۽ مون کي اهو ئي جواب مليو ته اسان جو تعلق هڪ ئي طرف کان آهي، تنهنڪري ڪو نه ڪو رشتو ضرور آهي، اها سٺي ڳالهه آهي، هو سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ٿو ۽ ڏاڍو پيارو به آهي.“
واضح رهي ته شهناز گل جو هئي ڀاءُ آهي شهباز گل جيڪو هن وقت بگ باس 19 جي سيزن ۾ اميدوار طور شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.