اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي 27هين آئيني ترميم جي بل جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي.
27هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جڏهن محمود خان اچڪزئي خيالن جو اظهار لاءِ اُٿي بيٺو ته هن 27هين ترميم جي بل جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي.
محمود خان اچڪزئي چيو ته هي حڪومت فارم 47 تي قائم ڪئي وئي آهي، هاڻي اِهو ٻڌايو ته اهڙي پارليامينٽ کي آئين ۾ ترميم جو اختيار ڏئي سگهجي ٿو؟
ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اسان ترميمن جو حصو نه بڻجنداسين، واڪ آئوٽ ۽ احتجاج به ڪنداسين جڏهن ته تقريرون به ڪنداسين.
You might also like