بند ڪمرن ۾ ڪيل فيصلا اسان تي مڙهيا ويندا آهن، انهن فيصلن سان به دهشتگردي ختم ناهي ٿي: سهيل آفريدي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش امن لاءِ آهي، بند ڪمرن مان نڪري سياستدان گڏجي فيصلا ڪندا ته دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو.
خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ امن جرڳي سان خطاب ڪندي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته اسان جي ڪوشش امن لاءِ آهي، دهشتگردي جي ناسور خلاف اڄوڪي جرڳي مان پائيدار حل نڪرندو، امن تڏهن قائم ٿيندو جڏهن دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو.
هن چيو ته اسان کي بند ڪمرن مان نڪري سياستدانن سان گڏجي فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ دهشتگردي خلاف ڊگهي مدي واري پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي.
سهيل آفريدي جو چوڻ هو ته سڀني قربانيون ڏنيون آهن، اين ايف سي شيئر 400 ارب رپيا ٺهي ٿو، جيڪو اسان کي نٿو ملي، جيڪڏهن هڪ سيڪڙو به دهشتگردي سبب ملي ٿو ته ڪنهن کي ان بابت سوال ڪرڻ جو حق ناهي.
هن چيو ته سياست هر ڪنهن جي پنهنجي آهي پر امن هڙني لاءِ گڏيل آهي، جڏهن بم ڦاٽندو آهي ته اهو ناهي ڏسندو ته مرڻ وارو پي ٽي آءِ جو آهي يا پيپلز پارٽي جو، هتي ويٺل هر شخص قرباني ڏني آهي، دهشتگردي خلاف عوام، سياستدان ۽ سيڪيورٽي فورسز سڀني قربانيون ڏنيون، سڀني قربانيون ڏنيون ته 2018 ۾ امن قائم ٿيو، پر هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ڪر کڻي رهي آهي.
هن چيو ته پاڪ-افغان ڳالهين کي اسان سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي، اسان جي ڪوشش امن لاءِ آهي، جنگ آخري آپشن هئڻ گهرجي.
وڏي وزير چيو ته اسان هر هر امن جي ڳالهه ڪريون ٿا پر بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهن کي اها ڳالهه بُري لڳي ٿي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ فيصلا اسان تي مڙهيا ويندا آهن، انهن فيصلن سان اڃا تائين دهشتگردي ختم ناهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ان پاليسي ۾ شفٽ اچڻ گهرجي، اها شفٽ بند ڪمرن مان نڪري ايندي، سياستدانن، سيڪيورٽي فورسز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ويهاري پاليسي جوڙڻ گهرجي، جيڪڏهن پوءِ ان پاليسي تي عمل ڪيو ويندو ته ڪو حل نڪرندو، اها پاليسي پوءِ سڀني لاءِ قبول ڪرڻ جوڳي هوندي ۽ خيبر پختونخوا مان دهشتگردي جو ناسور مڪمل طور ختم ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.