27هين آئيني ترميم ۾ ڪا به ٽيڪنيڪي غلطي ناهي: قانون واري وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ۾ ڪا به ٽيڪنيڪي غلطي ناهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته قومي اسيمبلي جي ايوان ڪجهه سٺيون تجويزون ڏنيون آهن، جن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ ڪا به ٽيڪنيڪي غلطي ناهي، جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم منظور ڪئي وئي ته ان جي منظوري سينيٽ مان به ورتي ويندي.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اڄ 27هين آئيني ترميم ترميمن سان گڏ منظور ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي اپوزيشن اڄ به قومي اسيمبلي اجلاس دوران 27هين ترميم بابت احتجاج ڪيو ۽ ترميم کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.