ميرپورخاص: آمنا قتل ڪيس ۾ غفلت ڪرڻ تي 4 اهلڪار معطل

ميرپورخاص (بيورو) معصوم آمنا جي قتل کان اڳ اغوا جي ڪيس ۾ پوليس غفلت جي شڪايتن تي ايس ايس پي ميرپورخاص ڊاڪٽر سمير نور چنا جهلوري پوليس پوسٽ جو انچارج ۽ 3 اهلڪار معطل ڪري ڇڏيا. ايس ايس پي موجب، آمنا جي اغوا جو اطلاع وقت سر رپورٽ ٿيڻ باوجود پوليس تحرڪ ۾ ناڪام رهي، جنهن تي جهلوري پوليس پوسٽ جي انچارج اي ايس آئي اڪبر، اهلڪار شير زمان، حبدار شر ۽ امير بخش کي معطل ڪيو ويو. ايس ايس پي جي ڪارروائي وارثن ۽ علائقائي شڪايتن تي عمل ۾ آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.